اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي ترجمان چيو آهي ته مخالف ڌر جي اڳوڻي اڳواڻ عمر ايوب خان جي نااهليءَ جو معاملو پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ التوا هيٺ آهي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران ايوان ۾ مخالف ڌر جي سيٽ خالي هئڻ جي اعلان کان اڳ نامزدگيءَ لاءِ نالا جمع نٿا ڪرائي سگهجن. قومي اسيمبليءَ جي ترجمان موجب قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي هدايت تي قومي اسيمبلي …
مخالف ڌر جي اڳوڻي اڳواڻ عمر ايوب خان جي نااهليءَ جو معاملو پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ التوا هيٺ آهي: قومي اسيمبليءَ جو ترجمان

مزید خبریں
اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي ترجمان چيو آهي ته مخالف ڌر جي اڳوڻي اڳواڻ عمر ايوب خان جي نااهليءَ جو معاملو پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ التوا هيٺ آهي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران ايوان ۾ مخالف ڌر جي سيٽ خالي هئڻ جي اعلان کان اڳ نامزدگيءَ لاءِ نالا جمع نٿا ڪرائي سگهجن. قومي اسيمبليءَ جي ترجمان موجب قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي هدايت تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مقرريءَ بابت قومي اسيمبلي ميمبر محمد عامر ڊوگر جي خط جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته 6 آڪٽوبر 2025ع تي اسپيڪر کي خط لکيو ويو هو. قاعدن ۽ ضابطن جي طريقيڪار جي قاعدي 39 ۽ 39 بي تحت مخالف ڌر اڳواڻ جي نامزدگي جو مڪمل طريقو واضح آهي. اسپيڪر مخالف ڌر اڳواڻ جي مقرري لاءِ تاريخ، وقت ۽ هنڌ جو اعلان ڪري ٿو. قومي اسيمبليءَ جي قاعدن ۽ ضابطن موجب اسپيڪر ان ميمبر کي مخالف ڌر نامزد ڪري ٿو جنهن کي ايوان ۾ مخالف ميمبرن جي اڪثريت جي حمايت حاصل هجي. ماضيءَ ۾ به اسپيڪر طرفان ميمبرن کي هائوس ۾ باقاعده اعلان ذريعي آگاهه ڪيو ويندو رهيو آهي. اسپيڪر جو اعلان ضروري آهي ته جيئن ڪو به ميمبر مخالف ڌر جي اڳواڻ جي نامزدگي لاءِ پنهنجي درخواست جمع ڪرائي سگهي. عام چونڊن کان پوءِ مخالف ڌر اڳواڻ جي سيٽ تي مقرري لاءِ اهو ئي طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي. عمر ايوب خان جي رٽ پٽيشن تي سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ سندس نااهليءَ جي ڪيس کي واپس پشاور هاءِ ڪورٽ ڏانهن اُماڻيو آهي ۽ هي معاملو پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ التوا هيٺ آهي.











