اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته فلاحي ۽ خيراتي سرگرمين کي مربوط بنائڻ ۾ حڪومت، نجي شعبي ۽ سول سوسائٽيءَ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم طرفان سوشل امپيڪٽ فنانسنگ فريم ورڪ جي جوڙجڪ جي قدمن جو بنيادي مقصد اثرائتي مالياتي فريم ورڪ جو قيام آهي، 400 کان وڌيڪ فهرستي ڪمپنين مان 300 کان وڌيڪ ڪمپنين ڪارپوريٽ …
فلاحي ۽ خيراتي سرگرمين کي مربوط بنائڻ ۾ حڪومت، نجي شعبي ۽ سول سوسائٽيءَ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: سينيٽر محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته فلاحي ۽ خيراتي سرگرمين کي مربوط بنائڻ ۾ حڪومت، نجي شعبي ۽ سول سوسائٽيءَ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم طرفان سوشل امپيڪٽ فنانسنگ فريم ورڪ جي جوڙجڪ جي قدمن جو بنيادي مقصد اثرائتي مالياتي فريم ورڪ جو قيام آهي، 400 کان وڌيڪ فهرستي ڪمپنين مان 300 کان وڌيڪ ڪمپنين ڪارپوريٽ سماجي ذميدارين تحت پنهنجون فلاحي ذميداريون ادا ڪيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان سينٽر فار فيلنٿراپي طرفان رپورٽ جي جاري ٿيڻ ۽ ايوارڊ ورهائڻ جي موقعي تي رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت جي قدمن سان معيشت درست رُخ طرف گامزن آهي، ڪُلي معيشت جي صورتحال مستحڪم آهي ۽ هاڻ روانگي واپار تي ٻَڌل جٽادار اؤسر جي رستي تي گامزن آهي، ترقيءَ جا ثمر عوام کي منتقل ڪرڻ ضروري آهن، ان مقصد لاءِ سڌارن جو عمل جاري آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ۾ سرنديءَ وارن ماڻهن جي کوٽ ناهي، پاڪستان عطيو ڏيندڙ سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي، ڪراچي خاص ڪري ان حوالي سان اڳتي آهي، اها ڳالهه به سٺو سنوڻ آهي ته صحت ۽ تعليم جي شعبن کي اڳتي وڌائڻ ۾ سرندي وارا ماڻهو ۽ ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته 400 کان وڌيڪ فهرستي ڪمپنين مان 300 کان وڌيڪ ڪمپنين ڪارپوريٽ سماجي ذميدارين تحت پنهنجون فلاحي ذميداريون ادا ڪيون آهن، هي دين ۽ دنيا ٻنهي لاءِ سٺو آهي، ڪارپوريٽ سماجي ذميدارين جي ادائگي لاءِ ڪمپنين کي پنهنجو ڪردار سهڻي نموني ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ان لاءِ ڪنهن هدايت يا ضابطي جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي. ناڻي واري وزير فلاحي قدمن جي حوالي سان پاڪستان سينٽر فارفينلٿراپي ان جي قيادت کي ساراهيو ۽ چيو ته ملڪ ۾ فلاحي سرگرمين ۽ عطين جي ڪلچر کي اڳتي وڌائڻ ۾ سينٽر مُک ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ناڻي واري وزير ايوارڊ کٽيندڙ ماڻهن ۽ ادارن کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته سماجي سرگرمين کي اڳتي وڌائڻ ۾ سمورن ڀائيوارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ناڻي واري وزير چيو ته فلاحي ۽ خيراتي مقصدن لاءِ قدمن ۽ سرگرمين تي ٽيڪس جي حوالي سان حڪومت هر طرح جي سهڪار جي فراهميءَ لاءِ تيار آهي.











