اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌي (خاص طور تي صبح/ رات جي وقت ۾ شديد ٿڌ) رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ سموگ جڏهن ته صبح/ رات جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪو ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات …
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جابلو علائقن ۾ ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌي (خاص طور تي صبح/ رات جي وقت ۾ شديد ٿڌ) رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ سموگ جڏهن ته صبح/ رات جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪو ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ جابلو علائقن ۾ ٿڌي رهي. جڏهن ته پنجاب جي ڪجهه ميداني علائقن ۾ هلڪو ڪوهيڙو ڇائنيل رهيو. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد اسڪردو ۾ ڪاٽو 06، ليه، گلگت ۾ ڪاٽو 03، بابوسر ۾ ڪاٽو 02 ۽ گوپس ۾ ڪاٽو 01 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











