وفاقي حڪومت شارٽ ٽرم منصوبي تحت سڄي ملڪ ۾ آفتن بابت سمورن شروعاتي وارننگ سسٽمز کي ضلعي ۽ تعلقي سطح تي مربوط ڪندي: وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين سان گڏ پريس ڪانفرنس

اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته وفاقي حڪومت صوبائي عملدارن سان گڏجي 250 ڏينهن جي شارٽ ٽرم منصوبي تحت سڄي ملڪ ۾ آفتن بابت سمورن شروعاتي وارننگ سسٽمز کي ضلعي ۽ تعلقي سطح تي مربوط ڪندي ته جيئن ٻوڏ کان اڳ وقت سر نيڪال ۽ اثاثن جي محفوظ منتقلي بڻائي سگهجي، ڪوشش آهي ته ايندڙ …

اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته وفاقي حڪومت صوبائي عملدارن سان گڏجي 250 ڏينهن جي شارٽ ٽرم منصوبي تحت سڄي ملڪ ۾ آفتن بابت سمورن شروعاتي وارننگ سسٽمز کي ضلعي ۽ تعلقي سطح تي مربوط ڪندي ته جيئن ٻوڏ کان اڳ وقت سر نيڪال ۽ اثاثن جي محفوظ منتقلي بڻائي سگهجي، ڪوشش آهي ته ايندڙ سانوڻي ۾ ايترو نقصان نه ٿئي جيترو هن سال ٿيو آهي. وزيراعظم اڳواٽ وارننگ سسٽم کي فوري طور مربوط بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڊگهي مُدي واري حڪمت عمليءَ تحت 5 سالن ۾ موسمياتي هڪجهڙائپ رکندڙ انفراسٽرڪچر تيار ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته گڏيل نظام مقامي انتظاميه کي نهايت اهم وقت ۽ وقت سر ردِعمل ڏيڻ جي قابل بڻائيندو، جنهن سان ايندڙ سانوڻي دوران نقصانن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. هن ٻُڌايو ته وزيراعظم پنهنجي صدارت هيٺ منعقد اعليٰ سطحي اجلاس ۾ دريائن، ٻوڏ، جابلو وهڪرن، شهري ٻوڏ ۽ سامونڊي علائقن جي خطرن سميت سمورن موسمياتي خطرن جو جائزو ورتو ۽ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مُدي وارن قدمن تي ٻَڌل هڪ قومي لچڪدار روڊ ميپ جي منظوري ڏني آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت مختلف کاتن ۾ وِکريل وارننگ سسٽمز موجود آهن، جن جي ڪري دير ۽ بدانتظامي پيدا ٿئي ٿي، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته سمورن ڊيٽا سيٽس کي گڏائي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جي آفيسن ۾ ريئل ٽائم اسڪرينز تي ڏيکاريو وڃي. هن چيو ته پهريون الارم اسلام آباد ۾ نه پر تعلقي ۽ ضلعي سطح تي وڄندو ته جيئن امدادي ادارن ۽ ڪميونٽيز کي پاڻي پهچڻ کان اڳ وقت سر الرٽس ملي سگهي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته 250 ڏينهن واري مختصر مدي واري مرحلي تحت سمورن پاڻي ڪڍڻ جي ڍنڍن ۽ فلڊ گيٽس جي بحالي ڪئي ويندي جڏهن ته شهري علائقن جي بند يا متاثر ڊرينيج سسٽمز کي به اڳواٽ صحيح ڪيو ويندو. هن چيو ته تازي ٻوڏ سان لکين ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ 2 ملين جي لڳ ڀڳ ٻار تعليم کان محروم ٿيا. منصوبي تحت تباهه ٿيل علائقن ۾ عارضي تعليمي انتظام ڪيا ويندا ته جيئن بي گهر ٿيڻ جي صورت ۾ به تعليم جاري رهي. ان کان علاوه هڪ موبائل ايمرجنسي هيلٿ ڪيئر نظام به متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو موقعي تي بنيادي علاج ۽ فوري سرجري جي سهولت ڏيندو. وفاقي وزير چيو ته جيتوڻيڪ شروعاتي منصوبو صوبائي آبپاشي، زراعت ۽ ڊزاسٽر کاتن سان مشاورت کانپوءِ تيار ڪيو ويو آهي پر وزيراعظم مڪمل صوبائي حڪمت عمليءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڌيڪ مشاورت جي هدايت ڪئي آهي، غير قانوني اڏاوتن بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم درياهن جي ڪِنارن تي بااثر گروپن طرفان تعمير ڪيل هوٽلن ۽ ريزورٽس خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي ۽ زوننگ قانونن خلاف تعمير جي اجازت ڏيندڙن کان پُڇاڳاڇا جو به حڪم ڏنو آهي. ڊگهي مُدي واري منصوبي ۾ حڪومت جو هدف درياهن جي قدرتي وهڪري جي بحالي، خطري جي زونزن ۾ ٺهيل آبادين جي نشاندهي، بلند خطرن وارن علائقن ۾ نئين تعمير جي روڪٿام ۽ موجوده وسندين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان کي صرف شديد گرمي جو ئي نه مُنهن ڏسڻو پيو آهي پر سياري جي شدت ۽ موسمي لاها چاڙها وڌي رهيا آهن، ان ڪري آئينده لچڪداري منصوبا بنديءَ ۾ ٻنهي موسمن جون تقاضائون شامل ڪري رهيا آهيون. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته اصل مسئلو مالي وسيلا نه پر نظم و نسق جون ڪمزوريون ۽ عملدرآمد ۾ دير آهن. هن چيو ته 2017ع ۾ شروع ڪيل 20 کان 30 ملين رپين جا اڪثر منصوبا اڃا تائين مڪمل ناهن ٿي سگهيا، جڏهن ته 8 سالن ۾ هڪ نئون شهر به آباد ٿي سگهي ٿو، دير کان اڳ بچڻ لاءِ وزيراعظم هر ٽه ماهيءَ ۾ اڳڀرائيءَ جو جائزو وٺندو، وزارتي ڪميٽي ماهوار اجلاس ڪندي، جڏهن ته عملدرآمد ٽيم هر هفتي ميٽنگ ڪندي. هن چيو ته حڪومت پنهنجي پوري موسمياتي حڪمت عملي عوام آڏو آڻيندي ۽ شهرين جي جوابدهي لاءِ سوال پُڇڻ جي ترغيب ڏيندي. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين چيو ته 2026ع کان پهريان سانوڻي جو نظام واضح ڪرڻو آهي، هر سال پاڪستان ۾ موسمي شدت جو اضافو ٿي رهيو آهي. گلگت بلتستان ۾ وڌيڪ برف پوندي، 2026ع ۾ سانوڻي 22 کان 26 سيڪڙو وڌيڪ شديد ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته 31 لک ماڻهن کي ٻوڏ ۾ ريسڪيو ڪيو ويو، ان لاءِ معاشي بار کي صوبن ۽ وفاق گڏجي برداشت ڪيو. جون کانپوءِ هيٽ ويو جي بنا گليشيئرز جي تيزيءَ سان پگهرجڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته پاڪستان جي مجموعي صورتحال ۽ 6 کان 8 مهينن جي اڳڪٿي ڏيڻ اهو شايد دنيا ۾ صرف اين ڊي ايم اي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪوهيڙي جو مقصد اسلام آباد سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ وڌي ويندو آهي، ان ۾ 45 سيڪڙو حصو ٽرانسپورٽ جو آهي، جڏهن ته 20 کان 30 سيڪڙو حصو صنعت جو آهي.

مزید خبریں