اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) پاڪ چائنا سينٽر ۾ ٻن ڏينهن واري پاڪستان انرجي ايگزيبيشن اينڊ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. اربع ڏينهن منعقد نمائش جو افتتاح سيڙپڪاري واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ڪيو. نمائش ۾ 70 کان وڌيڪ مقامي ۽ عالمي ڪمپنين پنهنجا اسٽال لڳايا جنهن ۾ عوام ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان واڳيل ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ دلچسپي جو اظهار ڪيو. نمائش ۾ …
پاڪ چائنا فرينڊ شپ سينٽر ۾ پاڪستان انرجي ايگزيبيشن اينڊ ڪانفرنس، 70 کان وڌيڪ مقامي ۽ عالمي ڪمپينن جي شرڪت

مزید خبریں
اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) پاڪ چائنا سينٽر ۾ ٻن ڏينهن واري پاڪستان انرجي ايگزيبيشن اينڊ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. اربع ڏينهن منعقد نمائش جو افتتاح سيڙپڪاري واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ڪيو. نمائش ۾ 70 کان وڌيڪ مقامي ۽ عالمي ڪمپنين پنهنجا اسٽال لڳايا جنهن ۾ عوام ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان واڳيل ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ دلچسپي جو اظهار ڪيو. نمائش ۾ ايم اي ايس گروپ، ڪونس ٽيڪ، پيرامڊ آٽوميشن، موٽر ٽيڪ، جي فوسٽر، ميڪس ويل آٽو ميشن، چيان ڪن، واپڊا ۽ ٻين ڪمپينن پنهنجا اسٽال لڳايا جنهن ۾ گهٽ توانائي استعمال ڪندڙ اوزار پيش ڪيا ويا. نمائش پاڪستان اسٽيٽ آئل ۽ پارڪو جي سهڪار سان منعقد ڪئي وئي.











