اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻن ڏينهن جي ٻاڙائيءَ کانپوءِ اربع ڏينهن ڪاروبار ۾ تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1291.14 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 162226.67 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروبار جي دوران 483 ڪمپنين جي 1029.78 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 45.17 ارب رپيا هئي. 193 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 244 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 46 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 547.56 پوائنٽس …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻن ڏينهن جي ٻاڙائيءَ کانپوءِ ڪاروبار ۾ تيزي، 100 انڊيڪس ۾ 1291.14 پوائنٽس جو اضافو

مزید خبریں
اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻن ڏينهن جي ٻاڙائيءَ کانپوءِ اربع ڏينهن ڪاروبار ۾ تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1291.14 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 162226.67 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروبار جي دوران 483 ڪمپنين جي 1029.78 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 45.17 ارب رپيا هئي. 193 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 244 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 46 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 547.56 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 49228.54 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 1247.87 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 230765.90 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 12.35 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. گذريل ڏينهن ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام جي 160116443 شيئرز، بئنڪ مڪراماه 111697141 شيئرز ۽ بي ڪو سٽيل لميٽيڊ جي 78672757 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. بي ايف مضاربه، فرسٽ ٽريٽ مينوفيڪچرنگ مضاربه ۽ ميڪ پيڪ فلمز سرفهرست ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون. اي پي پي/ م – ر / س – و / ح – ق 18:10











