اسلام آباد - 19نومبر (اي پي پي) صدر پاڪستان جي ترجمان مرتضيٰ سولنگي ڊبليو ايڇ او جي تازه ترين رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته تماڪ اڃا به پاڪستان ۾ هڪ وڏو عوامي صحت جو مسئلو آهي، تماڪ جا سماجي ۽ معاشي اثر سنگين آهن، عوامي سطح تي آگاهي مهم ۽ بهترين عالمي پاليسين جي لاڳو جي ذريعي انهن خطرن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. هن اهڙن خيالن جو …
تماڪ اڃا به پاڪستان ۾ هڪ وڏو عوامي صحت جو مسئلو آهي: صدارتي ترجمان مرتضيٰ سولنگي

مزید خبریں
اسلام آباد – 19نومبر (اي پي پي) صدر پاڪستان جي ترجمان مرتضيٰ سولنگي ڊبليو ايڇ او جي تازه ترين رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته تماڪ اڃا به پاڪستان ۾ هڪ وڏو عوامي صحت جو مسئلو آهي، تماڪ جا سماجي ۽ معاشي اثر سنگين آهن، عوامي سطح تي آگاهي مهم ۽ بهترين عالمي پاليسين جي لاڳو جي ذريعي انهن خطرن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ”ڊبليو ايڇ گلوبل ٽوبيڪو ايپيڊيمڪ رپورٽ 2025ع ۽ تماڪ جي تشهير، فروغ ۽ اسپانسرشپ (ٽي اي پي ايس) ۽ گرافڪ هيلٿ وارننگز (جي ايڇ ڊبليوز) جا بهترين عالمي مثال“ جي عنوان سان منعقد هڪ مباحثي دوران ڪيو. تقريب جو اهتمام سوسائٽي فار دي پروٽيڪشن آف دي رائٽس آف دي چائلڊ (اسپارڪ) ڪيو ته جيئن ڊبليو ايڇ او فريم ورڪ ڪنوينشن آن ٽوبيڪو ڪنٽرول (ايف سي ٽي سي) ۽ ان جي ايم پاور قدمن تحت پاڪستان جي اڳڀرائي جو جائزو وٺي سگهجي. تقريب جي خاص مهمان صدر پاڪستان جي ترجمان مرتضيٰ سولنگي چيو ته سڄي دنيا ۾ هر سال تماڪ جي استعمال سان 80 لک کان وڌيڪ فوتگيون ٿين ٿيون جيڪي ايڇ آءِ وي، ٽي بي ۽ مليريا جي مجموعي فوتگين کان به وڌيڪ آهن. پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 70 لک ماڻهو تماڪ استعمال ڪن ٿا جڏهن ته تماڪ ڇِڪڻ جي ڪري ساليانو هڪ لک 66 هزار فوتگيون ٿين ٿيون، تماڪ جا سماجي ۽ معاشي اثر سنگين آهن ۽ پاڪستان آگاهي، تعليم ۽ عالمي بهترين پاليسين جي لاڳو ذريعي موثر ترقي ڪري سگهي ٿو. هن ڪميونٽيز کي تماڪ جي نقصانن کان آگاهه ڪرڻ ۽ احتياطي ماحول کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان تماڪ جي تشهير، فروغ ۽ اسپانسرشپ (ٽي اي پي ايس) جي سمورن رستن کي گهٽ ڪري ۽ گرافڪ هيلٿ وارننگز (جي ايڇ ڊبليوز) جي نمايان موجودگي وڌائي پنهنجي ڪوششن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهي ٿو ته جيئن صحت جي خطرن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. تقريب کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي قومي صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي چيو ته رپورٽ جا انگ اکر نوجوانن جي تحفظ جي لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت کي ظاهر ڪن ٿا. پروموشنل سرگرمين، دلڪش پيڪجنگ، مختلف تقريبن سان تعلق ۽ آن لائين موجودگي نوجوانن کي متاثر ڪري سگهي ٿي، جن ملڪن ۾ جامع ٽي اي پي ايس پابنديون لاڳو آهن اتي نوجوانن ۾ تماڪ جي استعمال ۾ واضح گهٽتائي ڏٺي وئي آهي. هن جي ايڇ ڊبليوز ۾ بهتري ۽ موثر لاڳو جي لاءِ پاليسين کي مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو. قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر شازيه صوبيه اسلم سومرو چيو ته جيتوڻيڪ پاڪستان ذڪر جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي تنهن هوندي به وڌيڪ مضبوط قدم عوام جي بهتر تحفظ ۾ مدد ڏيندا.











