اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل احمد شريف چوڌري جي قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي استادن ۽ شاگردن سان خاص ويهڪ جو انتظام ڪيو ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر شاگردن کي سوشل ميڊيا تي جاري پروپئگنڊا ۽ اصل حقيقتن بابت آگاهه ڪيو. تفصيل مطابق ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف …
ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر احمد شريف چوڌري جي قائداعظم يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن سان خاص ويهڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل احمد شريف چوڌري جي قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي استادن ۽ شاگردن سان خاص ويهڪ جو انتظام ڪيو ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر شاگردن کي سوشل ميڊيا تي جاري پروپئگنڊا ۽ اصل حقيقتن بابت آگاهه ڪيو. تفصيل مطابق ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جو دورو ڪيو. قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي آمد کي استادن ۽ شاگردن ڀرپور ساراهيو. دوري دوران ويهڪ ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر داخلي صورتحال، ملڪي دفاع ۽ پاڪ فوج جي پيشيوراڻي ڪردار تي روشني وڌي. هن شاگردن کي سوشل ميڊيا تي جاري پروپئگنڊا ۽ اصل حقيقتن کان آگاهه ڪيو. قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، ڊي جي آءِ ايس پي آر کي ساراهيندي چيو ته ڀارت جي حوالي سان ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته اسان جي جواب کي دنيا ڏسندي ۽ دنيا هٿياربند فوج جي جواب کي چڱي ريت ڏٺو، پاڪ فوج صرف ڀارت ۽ ان جي فوج کي نه پر سندن ٽيڪنالاجي کي به شڪست ڏني. خاص ويهڪ ۾ موجود شاگردن ۽ استادن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر سان خاص ويهڪ سان شاگردن جي ابهام کي مڪمل طور تي تبديل ڪري ڇڏيو. استادن چيو ته اسان پنجابي، پٺاڻ، سنڌي يا بلوچي ناهيون، سڀ کان پهرين اسان پاڪستاني آهيون، اڄ جو سيشن تمام اثرائتو هو جنهن مان شاگردن کي گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو. شاگردن چيو ته اڄ جي ويهڪ ۾ پاڪستان جي هر ضلعي ۽ تعلقي مان شاگرد موجود هئا. ڊي جي آءِ ايس پي آر مس انفارميشن تي شاگردن جي سوالن جا جواب ڏنا، اسان پاڪستاني آهيون ۽ پاڪ فوج اسان مان آهي، اسان پاڪستان جي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهيون ۽ سلام پيش ڪريون ٿا.











