اسلام آباد/بيلم -19 نومبر (اي پي پي) ڪانفرنس آف دي پارٽيز 30 جي حوالي سان پاڪستان جي سربراهه وفد موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت جي سيڪريٽري عائشه حميره چوڌري ۽ گڏيل قومن جي فريم ورڪ ڪنوينشن جي ايگزيڪيٽو سيڪريٽري سائمن اسٽيئل وچ ۾ اعليٰ سطحي ٻطرفي ملاقات ٿي، ٻنهي ڌرين ڪانفرنس ۾ بحث هيٺ اهم موضوعن ۽ پاڪستان جي جاري موسمياتي ڪوششن ۽ عالمي عمل جي اميدن …
موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري عائشه حميره چوڌري جي گڏيل قومن جي فريم ورڪ ڪنوينشن جي ايگزيڪيٽو سيڪريٽري سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد/بيلم -19 نومبر (اي پي پي) ڪانفرنس آف دي پارٽيز 30 جي حوالي سان پاڪستان جي سربراهه وفد موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت جي سيڪريٽري عائشه حميره چوڌري ۽ گڏيل قومن جي فريم ورڪ ڪنوينشن جي ايگزيڪيٽو سيڪريٽري سائمن اسٽيئل وچ ۾ اعليٰ سطحي ٻطرفي ملاقات ٿي، ٻنهي ڌرين ڪانفرنس ۾ بحث هيٺ اهم موضوعن ۽ پاڪستان جي جاري موسمياتي ڪوششن ۽ عالمي عمل جي اميدن تي ڳالهيون ڪيون. گذريل ڏينهن موسمياتي تبديلي واري وزارت مان جاري بيان موجب عائشه حميره چوڌري گڏيل قومن جي قيادت کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان سيپٽمبر 2025ع ۾ پنهنجي ٽي قومي طور تي طئي ٿيل ڀائيواري (اين ڊي سي) جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جيڪا سال 2035ع تائين نيڪال ۾ گهٽتائي ۽ گهٽ ڪاربان جي ترقي جي هڪ بهتر رستي جي نشاندهي ڪري ٿي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ملڪي ذريعن مان پنهنجي گهٽتائي جي هدف ۾ اضافو ڪندي 15 سيڪڙو کان 17 سيڪڙو تائين ويو آهي جيڪو عالمي موسمياتي هدفن لاءِ ان جي مضبوط عزم جو مظهر آهي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان لاءِ نيڪال ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي جو هدف حاصل ڪرڻ عالمي موسمياتي مالياتي مدد تي ٻڌل آهي، جنهن جي ضرورت 2035ع تائين 565 ارب ڊالر جي برابر ٺهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجو رپورٽون ۽ ذميواريون پوريون ڪري رهيو آهي پر ٻئي پاسي ان سطح جي اڳڀرائي نظر نٿي اچي. هن مالي معاونت، ٽيڪنالاجي جي فراهمي ۽ عالمي سهڪار کي موسمياتي قدمن جو بنيادي ٿنڀ قرار ڏنو. ان موقعي تي سائمن اسٽيئل پاڪستان جي وقت سر جمع ڪرايل رپورٽن کي ساراهيو ۽ ڪانفرنس کان پاڪستان جي اميدن بابت ڄاڻ ورتي. عائشه حميره چوڌري زور ڀريو ته موافقت جي نيڪال ۾ گهٽتائي جي برابر اهميت ڏني وڃي ڇاڪاڻ ته اسرندڙ ملڪ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. هن اضافي گرانٽ جي بنياد تي معاونت جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته گڏيل قومن جي مالياتي نظام کي ميمبر ملڪن جي ضرورتن موجب وڌيڪ اثرائتو هجڻ گهرجي ۽ نقصان ۽ ازالي لاءِ ڪيل واعدن تي عمل يقيني بڻايو وڃي. هن پاڪستان جي منفرد ۽ حساس جابلو مالياتي نظام جنهن ۾ هندوڪش، قراقرم ۽ هماليه جا سلسلا شامل آهن انهن جي اهميت اجاگر ڪئي ۽ ٻڌايو ته پاڪستان گليشيئرز پگهرجڻ بابت عالمي آگاهي وڌائڻ لاءِ ڪانفرنس ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ڪيو. هن سائمن اسٽيئل کي سرحدي خطن ۾ برف جي ذخيرن جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي نئين علائقائي ڀائيواري بابت آگاهه ڪيو. سيڪريٽري چيو ته 2025ع جي ٻوڏ ۽ بار بار ايندڙ قدرتي آفتون اهو واضح ڪن ٿيون ته پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کي ڪهڙي پئماني تي موسيماتي آفتون درپيش آهن. هن گڏيل قومن جي قيادت کي ايندڙ سال پاڪستان ۾ منعقد ٿيندڙ علائقائي سمٽ ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني.











