اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) مشهور عالمي اداري بلوم برگ چيو آهي ته سياسي استحڪام، بهتر منافعو ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 40 سيڪڙو جو شاندار اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. بلوم برگ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي رجحانن تي پنهنجي تفصيلي رپورٽ شايع ڪئي آهي جنهن ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي بهترين ڪارڪردگي کي خاص طور تي اجاگر ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو …
سياسي استحڪام، بهتر منافعو ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 40 سيڪڙو جو شاندار اضافو ٿيو: بلوم برگ

مزید خبریں
اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) مشهور عالمي اداري بلوم برگ چيو آهي ته سياسي استحڪام، بهتر منافعو ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 40 سيڪڙو جو شاندار اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. بلوم برگ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي رجحانن تي پنهنجي تفصيلي رپورٽ شايع ڪئي آهي جنهن ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي بهترين ڪارڪردگي کي خاص طور تي اجاگر ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2025ع ۾ پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ايشيا جي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ مارڪيٽن ۾ شامل رهي. ان مدي ۾ ريٽيل سيڙپڪارن جي ذڪر جوڳي واپسي ٿي جيڪا ايڪويٽي سيڙپڪاري تي نئين سر کان اعتماد جي عڪاسي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ريئل اسٽيٽ جي قيمتن ۾ بيهڪ سبب سيڙپڪارن ۽ ڀائيوارن کي پنهنجو سرمايو اسٽاڪ مارڪيٽ طرف منتقل ڪرڻ جي ترغيب ملي آهي. گڏ ئي بئنڪ ڊپازٽ ريٽس اٽڪل اڌ رهجي وڃڻ سان شيئرز طرف عوامي رجحان وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي، رپورٽ موجب اسٽيٽ بئنڪ طرفان وياج جي شرح ۾ تبديلي نه ٿيڻ جي اعلان کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مسلسل ٻاڙائي جي ٻن سيشنز کانپوءِ زبردست بحالي ڏسڻ ۾ آئي، اسٽيٽ بئنڪ جي ان فيصلي سيڙپڪارن کي وڏو رليف ڏنو ۽ مختلف شعبن ۾ نئين خريداري ڏسڻ ۾ آئي، جڏهن ته مارڪيٽ 150000 پوائنٽس جي حد ٻيهر حاصل ڪري ورتي.











