پاڪستاني عورتون گهريلو سطح کان نڪري عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري اڳواڻ طور تي اڀري رهيون آهن: هارون اختر خان

اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي ته پاڪستاني عورتون گهريلو سطح کان نڪري عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري اڳواڻ طور تي اڀري رهيون آهن. وومين انٽر پرينيور شپ ڊي جي موقعي تي فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايف پي سي سي آءِ) ۾ عورت ڪاروباري اڳواڻن، صنعتڪارن ۽ ميڊيا نمائندن کي خطاب ڪندي ملڪي معيشت …

اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي ته پاڪستاني عورتون گهريلو سطح کان نڪري عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري اڳواڻ طور تي اڀري رهيون آهن. وومين انٽر پرينيور شپ ڊي جي موقعي تي فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايف پي سي سي آءِ) ۾ عورت ڪاروباري اڳواڻن، صنعتڪارن ۽ ميڊيا نمائندن کي خطاب ڪندي ملڪي معيشت ۾ عورتن جي ڪردار کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هارون اختر خان چيو ته پاڪستاني عورتون موقعن جو انتظار نه ڪيو پر هو موقعا پاڻ پيدا ڪري رهيون آهن. هن زور ڀريو ته عورتن، مشڪلاتن کي رڪاوٽ نه پر پنهنجي قوت بڻايو ۽ ساڳئي جذبي، پاڪستان جو معاشي رخ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اڄ جي پاڪستاني عورت مدد نه، منصفاڻا موقعا گهري رهي آهي ۽ ان حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو ته عورتون صرف معيشت ۾ شامل نه، هو اڳ ئي ان کي اڳتي وڌائي رهيون آهن. هن ٻڌايو ته حڪومت پهريون ڀيرو نيشنل ويمن انٽر پرينيور شپ پاليسي متعارف ڪرائڻ وڃي رهيو آهي جيڪا عورتن کي معاشي نظام جي فعال ۽ فيصلي سازي حصو بڻائيندي. هن ان اڳڀرائي کي پاڪستان جي معاشي تاريخ جو سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته اها پاليسي عورت انٽر پرينيورز کي سهولتن کان اڳتي وڌي قيادت جو اختيار فراهم ڪندي. هارون اختر خان، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته موجوده حڪومت، عورتن کي معاشي ترقي جو محور قرار ڏنو آهي ۽ اهو ئي ويزن پاڪستان کي ان مقام تائين پهچائيندو جتي هر عورت پنهنجي صلاحيت ۽ پنهنجي آئيڊياز کي حقيقت جو روپ ڏئي سگهي. هن، ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جيڪڏهن پاڪستان، عالمي معيشت ۾ مقابلو ڪري ٿو ته عورتن جي معاشي قيادت اڻٽر هوندي. هن مطابق قوم تڏهن ترقي جون بلنديون حاصل ڪري سگهي ٿي جڏهن عورتون ملڪ جي ترقي جي سفر ۾ گڏ اڳتي وڌن. هارون اختر خان چيو ته پاڪستاني عورتون گهريلو سطح کان نڪري عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري اڳواڻ طور تي اڀري رهيون آهن. 

مزید خبریں