اسلام آباد - 19نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽه ملڪي ڪرڪيٽ سيريز ۾ حصو وٺندڙ پاڪستان، سريلنڪا ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ مانجهاندو ڏنو، مانجهاندي ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، وفاقي گهرو وزير ۽ پي سي بي چيئرمين سيد محسن رضا نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ريلوي وارو وفاقي وزير محمد حنيف …
وزيراعظم پاران ٽه ملڪي ڪرڪيٽ سيريز ۾ حصو وٺندڙ پاڪستان، سريلنڪا ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي اعزاز ۾ مانجهاندو

مزید خبریں
اسلام آباد – 19نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽه ملڪي ڪرڪيٽ سيريز ۾ حصو وٺندڙ پاڪستان، سريلنڪا ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ مانجهاندو ڏنو، مانجهاندي ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، وفاقي گهرو وزير ۽ پي سي بي چيئرمين سيد محسن رضا نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ريلوي وارو وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، سريلنڪا جو هاءِ ڪمشنر ريئرل ايڊمرل فريڊ سينيويراٿني ۽ زمبابوي جو هاءِ ڪمشنر ٽائيٽس ابوبسوتو پڻ موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان، سريلنڪا ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن پاڪستان ۾ ٿيندڙ ٽه ملڪي سيريز ۾ شرڪت ڪري جنهن جذبي ۽ لڳاءُ جو مظاهرو ڪيو اهو ساراهه جوڳو آهي، سمورا رانديگر پنهنجي پنهنجي ملڪ جي بهترين نمائندگي ڪري رهيا آهن، ميچز ۾ رانديگر اسپورٽس مين اسپرٽ ۽ گڏيل احترام جو اهڙو مثال قائم ڪن جيڪو نوجوان نسل جي لاءِ مشعل راهه هجي. وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽ بورڊ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي سربراهي ۾ سيريز جي سمورين ميچز کي بهترين انتظامن، موثر حڪمت عملي ۽ اعليٰ پيشيواراڻي مهارت سان ڪاميابي سان منعقد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جو مسلسل انعقاد ملڪ جي مثبت تشخص ۽ امن ۽ استحڪام جو ثبوت آهي، ملڪ ۾ جاري ٽه ملڪي سيريز سان ڪرڪيٽ جي شوقينن کي اعليٰ درجي جي راند ڏسڻ لاءِ ملندي، اميد آهي ته ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪرڪيٽ ذريعي دوستي ۽ گڏيل تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيندو ۽ پاڪستان اڳتي به سڄي دنيا جي ٽيمن جي اهڙي طرح ميزباني ڪندو رهندو.











