نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 19 کان 21 نومبر تائين برسلز جو سرڪاري دورو ڪندو

اسلام آباد - 19نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي ۽ پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي بابت صدر ڪايا ڪالس جي دعوت تي 19 کان 21 نومبر تائين برسلز جو سرڪاري دورو ڪندو جتي هو پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي ستين اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ ڌرين …

اسلام آباد – 19نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي ۽ پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي بابت صدر ڪايا ڪالس جي دعوت تي 19 کان 21 نومبر تائين برسلز جو سرڪاري دورو ڪندو جتي هو پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي ستين اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ ڌرين جي وچ ۾ اداراجاتي تعامل جي اعليٰ ترين سطح آهي. اهو پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ پاڪستان – اي يو اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان 2019ع تحت سمورن شعبن ۾ تعاون جو جائزو وٺندو. نائب وزيراعظم دوري دوران چوٿين يورپي يونين انڊو پيسفڪ وزارتي فورم ۾ پڻ شرڪت ڪندو. فورم جي موقعي تي يورپي يونين جي سينيئر عهديدارن سان ڪيتريون ئي ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ٿينديون. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار برسلز جو دورو پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. بيان موجب پاڪستان يورپي يونين سان هڪ جامع ۽ گڏيل فائديمند حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي.

مزید خبریں