برسلز - 19نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برسلز پهچي ويو جتي هو 20 کان 21 نومبر 2025ع تائين برسلز ۾ ٿيندڙ پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي ستين اجلاس ۽ چوٿين يورپي يونين انڊو پيسفڪ وزارتي فورم ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب برسلز پهچڻ تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جو استقبال پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ، بيلجيئم، …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برسلز پهچي ويو

مزید خبریں
برسلز – 19نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برسلز پهچي ويو جتي هو 20 کان 21 نومبر 2025ع تائين برسلز ۾ ٿيندڙ پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي ستين اجلاس ۽ چوٿين يورپي يونين انڊو پيسفڪ وزارتي فورم ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب برسلز پهچڻ تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جو استقبال پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ، بيلجيئم، لڪسمبرگ ۽ يورپي يونين ۾ پاڪستان جي سفير رحيم حيات قريشي ۽ سفارتخاني جي آفيسرن ڪيو. پنهنجي دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان جي نمائندگي ڪندي پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ ۽ انڊو پيسفڪ وزارتي فورم ۾ شرڪت کانسواءِ مختلف ملڪن جي پنهنجي هم منصبن ۽ يورپي يونين جي سينيئر عملدارن ملاقاتون پڻ ڪندو.











