اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، توانائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ تعاون تي اتفاق ٿيو آهي، ٻنهي ملڪن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته توانائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ تعاون کي نئين بلندين تائين وٺي وڃبو. اربع ڏينهن پيٽروليم واري وفاقي علي پرويز ملڪ ۽ پاڪستان ۾ مقرر چين جي سفير جيانگ زيڊونگ وچ ۾ چيني سفارتخاني …
پاڪستان ۽ چين پاران اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، توانائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ تعاون تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، توانائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ تعاون تي اتفاق ٿيو آهي، ٻنهي ملڪن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته توانائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ تعاون کي نئين بلندين تائين وٺي وڃبو. اربع ڏينهن پيٽروليم واري وفاقي علي پرويز ملڪ ۽ پاڪستان ۾ مقرر چين جي سفير جيانگ زيڊونگ وچ ۾ چيني سفارتخاني اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ چين جي مضبوط ۽ پراڻي حصيداري لاڳاپن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ملاقات ۾ توانائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ان سان گڏ ئي علائقائي استحڪام ۽ گڏيل اقتصادي ترقي جي ويزن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چين کي پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم (پي ايم آءِ ايف) 2026ع ۾ شرڪت جي باضابطه دعوت ڏني. هن چيو ته کاڻين جو شعبو موجوده حڪومت جي ترجيح آهي ۽ ان ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. چيني سفير دعوت جي آجيان ڪندي پنهنجي ڀرپور حمايت جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته اسان پنهنجي لاڳاپيل ادارن جي سربراهن کي پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم ۾ شرڪت جي ترغيب ڏينداسين. هن ٻڌايو ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ معدنيات جي شعبي ۾ تعاون هڪ اهم ٿنڀ آهي ۽ چيني ڪمپنيون پاڪستان جي پيٽروليم ۽ معدنياتي شعبن ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ايم سي سي ۽ سي اين او سي ان شعبي ۾ نمايان طور تي ڪم ڪري رهيون آهن جڏهن ته سائينداگ سميت ٻيا منصوبا چين جي سيڙپڪاري جا اهم مددگار آهن. وفاقي وزير علي پرويز ملڪ مشڪل معاشي حالتن دوران چين جي مستقل ۽ مخلصاڻي معاونت تي شڪر جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن سان هر سطح تي بيٺل آهي ۽ چين جي سلامتي ۽ علائقائي استحڪام جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. چيني سفير پاڪستان جي سڌارن واري ايجنڊا کي ساراهيندي ان کي پائيدار ترقي طرف اهم قدم قرار ڏنو. هن چيو ته اسان پاڪستان جي ترقي لاءِ پرعزم آهيون ۽ گڏيل تعاون ذريعي پاڪستاني عوام جي معاشي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. ملاقات جي پڄاڻي ٻنهي ملڪن جي ان عزم جي ورجاءُ سان ٿي ته هر موسم جي آزمايل اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي سيڙپڪاري ۽ گڏيل خوشحالي جا نوان رستا کوليا وڃن. خاص ڪري توانائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ تعاون کي نئين بلندين تائين وٺي وڃبو.











