وفاقي وزير عبدالعليم خان سان چين جي گيزوبا گروپ جي چيئرمين ليو هواليانگ  جي وفد سان ملاقات

اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي  ايم 6 ۽ ايم 10 باقي رهيل حصن جي تعمير ۾ حصيداري جي آڇ چيني ڪمپني قبول ڪري ورتي. مواصلات واري وزارت مان جاري بيان موجب چين جي گيزوبا گروپ جي چيئرمين ليو هواليانگ  وفد سان گڏ وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڳالهائيندي عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان جي ڪجهه دوست ملڪن ۾ …

اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي  ايم 6 ۽ ايم 10 باقي رهيل حصن جي تعمير ۾ حصيداري جي آڇ چيني ڪمپني قبول ڪري ورتي. مواصلات واري وزارت مان جاري بيان موجب چين جي گيزوبا گروپ جي چيئرمين ليو هواليانگ  وفد سان گڏ وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڳالهائيندي عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان جي ڪجهه دوست ملڪن ۾ چين سڀني کان وڌيڪ ويجهو ۽ عزيز آهي، پاڪ چين ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ حقيقي لاڳاپن جي مضبوطي آهي، گذريل هڪ سال ۾ آئون 4 ڀيرا چين ويس، ٻئي ملڪ وڌيڪ ويجهو اچي رهيا آهن. هن چيو ته اڄ اسان جي تعليمي ادارن ۾ پاڪ – چين دوستي جو سبق پڙهايو پيو وڃي، چين کي ايم 6 ۽ ايم 10 جي موٽر وي حصن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا. هن مانسهره، ناران، ڪاغان، بابو سر ۽ چين جي سرحد ويجهو شاهراهه تي به سيڙپڪاري جي آڇ ڪندي چيو ته هي شاهراهه قراقرم هاءِ وي جو متبادل ۽ واپاري ۽ سياحتي اعتبار کان اهم آهي. چين ايم 6 ۽ ايم 10 جي باقي رهيل حصن جي تعمير ۾ حصو وٺندو. هن چيو ته ڪراچي کان سکر جي موٽر وي بندرگاهه سان جڙندي جيڪا اهم ترين آهي، پاڪستان جي انفرااسٽرڪچر جي ترقي ۾ اهم صلاحيت موجود آهي، چين جي آبادي جي شرح ۾ گهٽتائي جڏهن ته پاڪستان ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. عبدالعليم خان چيو ته چين پاڪستان کي ڌار ملڪ نه پر پنهنجو حصو تصور ڪري. آبادي ۾ تيزي سان اضافو، زندگي جي ضرورتن جي گهرج به وڌي رهي آهي. گذريل هڪ سال ۾ اين ايڇ اي جو روينيو 66 ارب مان وڌي 109 ارب ٿيو، هن چيو ته موٽر ويز ۾ سيڙپڪاري چين لاءِ منافعي بخش ثابت ٿيندي، خطي ۾ چين  ۽ پاڪستان ٻئي اهميت رکندڙ ملڪ آهن. چين جي بزنس گروپ پاڪستان ۾ موٽر ويز ايم 6 ۽ ايم 9 جي تعمير ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. چيني وفد چيو ته پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ چين جي واضح وابستگي آهي، پاڪستان ۾ مواصلات ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي لاءِ چين تعاون وڌائيندو.

مزید خبریں