بشڪيڪ - 19 نومبر(اي پي پي) آذربائيجان جي ڪامياب دوري کانپوءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه 2 ڏينھن جي دوري تي بشڪيڪ ڪرغزستان پھچي وئي آھي. گذريل ڏينھن آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سينٽرل ايشيا ريجنل اڪنامڪ ڪوآپريشن (ڪاريڪ) ملڪن سان گڏجي پاڪستاني ڪمپنين جي بزنس ٽو بزنس ايم او يوز جي صحيحين واري …
وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه 2 ڏينھن جي دوري تي ڪرغزستان پھچي وئي

مزید خبریں
بشڪيڪ – 19 نومبر(اي پي پي) آذربائيجان جي ڪامياب دوري کانپوءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه 2 ڏينھن جي دوري تي بشڪيڪ ڪرغزستان پھچي وئي آھي. گذريل ڏينھن آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سينٽرل ايشيا ريجنل اڪنامڪ ڪوآپريشن (ڪاريڪ) ملڪن سان گڏجي پاڪستاني ڪمپنين جي بزنس ٽو بزنس ايم او يوز جي صحيحين واري تقريب ۾ شرڪت ڪندي. ان کان علادو شزه فاطمه خواجه ايشيائي ترقياتي بينڪ جي صدر سان اھم ملاقات ڪندي. وفاقي وزير ڊي بي کان ڊجيٽل ڪنيڪٽوٽي، سيڙپڪاري ۽ علائقائي سھڪار جي نون موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام بشڪيڪ ۾ ڪاريڪ (ڪاريڪ) وزارتي اجلاس ۾ افتتاحي سيشن ۾ شرڪت ڪندي. شزه فاطمه سافٽ انفراسٽرڪچر ۽ ڊجيٽل ڪنيڪٽويٽي جي اھم سيشن ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪندي. وفاقي وزير پنھنجي خطاب ۾ علائقائي ڊجيٽل سھڪار، اسمارٽ ڪنيڪٽويٽي ۽ ڊجيٽل انٽيگريشن جي اھميت اجاگر ڪندي.











