تعليم ڪنهن به قوم لاءِ سڀ کان وڌيڪ قيمتي سرمايو هوندو آهي: وفاقي وزير خالد حسين مگسي

اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي چيو آهي ته تعليم ڪنهن به قوم لاءِ سڀني کان قيمتي سرمايو هوندو آهي، پاڪستان کي اهڙن نوجوانن جي ضرورت آهي جيڪي تحقيق، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ، معاشي منصوبابندي ۽ ڊجيٽل جديديت جي ذريعي عالمي معيار جو مقابلو ڪري سگهن. وفاقي وزير ڪامسيٽس يونيورسٽي واهه ڪينٽ جي ڪانووڪيشن ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن پاس …

اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي چيو آهي ته تعليم ڪنهن به قوم لاءِ سڀني کان قيمتي سرمايو هوندو آهي، پاڪستان کي اهڙن نوجوانن جي ضرورت آهي جيڪي تحقيق، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ، معاشي منصوبابندي ۽ ڊجيٽل جديديت جي ذريعي عالمي معيار جو مقابلو ڪري سگهن. وفاقي وزير ڪامسيٽس يونيورسٽي واهه ڪينٽ جي ڪانووڪيشن ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن پاس ٿيل شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سندون ورهايون ۽ سندن تعيلمي سفر جي تڪميل تي مبارڪون ڏنيون. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته تعليم ڪنهن به قوم جو سڀني کان طاقتور سرمايو آهي، هن ان موقعي تي نوجوانن کي پاڪستان جو سڀني کان قيمتي اثاثو قرار ڏيندي چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ جديد، تخليقي ۽ حل ڳولڻ واري سوچ کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي. خالد حسين مگسي چيو ته پاڪستان کي اهڙن نوجوانن جي ضرورت آهي جيڪي تحقيق، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ، معاشي منصوبابندي ۽ ڊجيٽل جديديت ذريعي عالمي معيار جو مقابلو ڪري سگهن. هن زور ڀريو ته جديد تحقيق، جدت ۽ هنر تي ٻڌل تعليم ئي پاڪستان کي ترقي جي نئين دور ۾ داخل ڪري سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته نوجوان ملڪي معيشت، ٽيڪنالاجي ۽ معاشرتي هم آهنگي کي اڳتي وڌائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿا. هن شاگردن کي نصيحت ڪئي ته هو جتي به وڃن علم، اخلاق، جدت ۽ قيادت کي پنهنجو اصول بڻائين ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل نوجوانن جي صلاحيتن مان لاڳاپيل آهي ۽ اڄ جا هي پاس ٿيل شاگرد اسان لاءِ اميد جو ڪرڻو آهن. آخر ۾ وفاقي وزير ڪامسيٽس يونيورسٽي واهه ڪيمپس جي استادن، انتظاميه ۽ والدين کي به ساراهيو جن شاگردن جي ڪاميابي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو . هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت پاڪستان ۾ تحقيقي ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ علمي ادارن کي جديد سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم جاري رکندي.

مزید خبریں