ارڙي ۽ روبيلا جون بيماريون ٻارن جي زندگيءَ ۽ مستقبل ٻنهي لاءِ خطرناڪ آهن: وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ارڙي ۽ روبيلا جون بيماريون ٻارن جي زندگي ۽ مستقبل ٻنهي لاءِ خطرناڪ آهن، عالمي ادارن جي تعاون سان انهن بيمارين خلاف قومي ويڪسين مهم شروع ڪئي پئي وڃي، اها ويڪسين سڄي دنيا ۾ آزمايل، محفوظ ۽ ضروري سمجهي ويندي آهي. بري امام ڪميونٽي هيلٿ سينٽر اسلام آباد ۾ ارڙي ۽ روبيلا ويڪسينيشن مهم …

اسلام آباد-19 نومبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ارڙي ۽ روبيلا جون بيماريون ٻارن جي زندگي ۽ مستقبل ٻنهي لاءِ خطرناڪ آهن، عالمي ادارن جي تعاون سان انهن بيمارين خلاف قومي ويڪسين مهم شروع ڪئي پئي وڃي، اها ويڪسين سڄي دنيا ۾ آزمايل، محفوظ ۽ ضروري سمجهي ويندي آهي. بري امام ڪميونٽي هيلٿ سينٽر اسلام آباد ۾ ارڙي ۽ روبيلا ويڪسينيشن مهم جي مرڪزي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال خصوصي طور شرڪت ڪئي. صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او)، يونيسيف، گاوي سميت ڪيترن ئي مقامي ۽ عالمي ادارن جا نمائندا به تقريب ۾ شريڪ هئا. صحت واري وفاقي وزير ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته عالمي ادارن جي تعاون سان حڪومت کي صحت جي شعبي ۾ وڏيون آسانيون ميسر اچن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي وڏي آبادين وارن ملڪن ۾ شامل آهي ۽ بيمارين جي پکيڙ ٻارن جي زندگين کي شديد خطرن جي ور چاڙهيندي آهي. هن خبردار ڪيو ته ارڙي ۽ روبيلا ٿيڻ سان ٻار نور کان محروم يا دماغي مفلوج به ٿي سگهن ٿا، ان لاءِ والدين حفاظتي ٽڪن ۾ ڪوتاهي نه ڪن. سيد مصطفيٰ ڪمال ٻڌايو ته سڄي دنيا ۾ 55 بيمارين خلاف ويڪسين موجود آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ اڃان صرف 13 ويڪسينون استعمال ڪيون وينديون آهن. هن چيو ته ارڙي ۽ روبيلا ويڪسين عالمي تحقيق مان ثابت ٿيل ۽ مڪمل محفوظ آهي ۽ هي هر گهٽيءَ، پاڙي ۾ مفت دستياب آهي. پنهنجي خطاب ۾ صحت واري وزير ڪينسر بابت عالمي اڳڀرائي جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته دنيا ۾ ڪينسر کان بچاءُ جي ويڪسين تيار ٿي چڪي آهي ۽ ايندڙ 10 سالن ۾ سڄي دنيا ۾ ڪو به شخص ڪينسر سبب نه مرندو. پاڪستان ۾ ان بابت غير ضروري بحث سامهون اچي سگهن ٿا. هن چيو ته اسپتالن ۾ رش وڌي رهي آهي ۽ مريضن کي پنهنجي واري لاءِ ڪلاڪن تائين انتظار ڪرڻو پوندو آهي، ان لاءِ بيمارين کان بچاءُ ۽ صحتمند زندگي اختيار ڪرڻ جي رجحان کي هٿي ڏيڻي پوندي. پاڙيسرين ۽ سماجي ڪارڪنن کي اپيل ڪئي وئي ته هو ويڪسين ٽيمن سان ڀرپور تعاون ڪن، ڇاڪاڻ ته معاشري جي هڪ فرد کي بيماري کان بچائڻ نيڪي ۽ قومي ذميواري آهي. تقريب کي خطاب ڪندي صحت واري عالمي اداري جي نمائندي ڊاڪٽر ڊيپينگ چيو ته ٻارن جي صحت هر قوم جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. هن ارڙي ۽ روبيلا ويڪسين کي محفوظ ۽ ٻارن لاءِ انتهائي ضروري قرار ڏيندي 17 کان 29 نومبر تائين جاري قومي مهم کي ساراهيو. يونيسيف جي نمائندي ڊاڪٽر پرميلا آر اين چيو ته اها مهم عالمي ادارن جي سهڪار سان شروع ڪئي وئي آهي ته جيئن ننڍي عمر ۾ لڳندڙ خطرناڪ بيمارين کان ٻارن کي محفوظ ڪري سگهجي. هن والدين تي زور ڀريو ته 6 مهينن کان 5 سالن تائين جي ٻارن کي لازمي ويڪسين لڳرائين، ڇاڪاڻ ته ارڙي ٻارن جي زندگي لاءِ سنگين خطرو بڻجي سگهي ٿي. تقريب جي پڄاڻي تي صحت واري وزير والدين، ڪميونٽي ۽ ادارن تي زور ڀريو ته هو حفاظتي ٽڪن جي ان قومي مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

مزید خبریں