ڪراچي-19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان، سامونڊي تاريخ ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي. ڪراچي پورٽ تان ماحول دوست ميرين فيول جي وڏي پئماني تي پهريون ڀيرو پهرين پيداوار ۽ رسد رڪارڊ ٿي آهي. تفصيل موجب پاڪستان، سامونڊي ۽ توانائي جي شعبن ۾ پهريون ڀيرو سامونڊي معاملن جي عالمي تنظيمن جي معيار تي پورو لٿو آهي. سامونڊي معاملن بابت عالمي انتهائي گهٽ سلفر فيول آئل (VLSFO) جي وڏي پئماني …
ڪراچي پورٽ تان ماحول دوست ميرين فيول جي وڏي پئماني تي پهريون ڀيرو پيداوار ۽ رسد رڪارڊ

مزید خبریں
ڪراچي-19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان، سامونڊي تاريخ ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي. ڪراچي پورٽ تان ماحول دوست ميرين فيول جي وڏي پئماني تي پهريون ڀيرو پهرين پيداوار ۽ رسد رڪارڊ ٿي آهي. تفصيل موجب پاڪستان، سامونڊي ۽ توانائي جي شعبن ۾ پهريون ڀيرو سامونڊي معاملن جي عالمي تنظيمن جي معيار تي پورو لٿو آهي. سامونڊي معاملن بابت عالمي انتهائي گهٽ سلفر فيول آئل (VLSFO) جي وڏي پئماني تي پيداواري عمل ۽ باقاعده رسد ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتي. اها تاريخي ڪاميابي ويٽول جي سنگاپور جي بنڪر بارج ذريعي حاصل ٿي آهي جنهن جو وزن 8722 ميٽرڪ ٽن آهي. اها اڳڀرائي پاڪستان جي توانائي جي پيداوار ۾ هڪ وڏي ڪاميابي آهي. ان ڪاميابي جي نتيجي ۾ آءِ ايم او جي معيار موجب ماحول دوست ميرين ٻارڻ جي مقامي سطح تي پيداوار ۽ باقاعده رسد جي شروعات ٿي وئي آهي. اها ڪاميابي وزيراعظم جي سامونڊي معاملن بابت ٽاسڪ فورس ۽ پاڪستان حڪومت جي ٻين اهم ادارن جي گڏيل ڪوششن سبب ممڪن ٿي. ان کان اڳ ويٽول سامونڊي شعبي ۾ تعاون جي مختلف موقعن جو جائزو پڻ ورتو، جن ۾ بارج آپريشنز قابل ذڪر آهي.











