دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگن اکر جاري

اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. تفصيل مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 27 ھزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 85 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار 300 ڪيوسڪ آھي، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 49 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 49 هزار 100 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي …

اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. تفصيل مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 27 ھزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 85 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار 300 ڪيوسڪ آھي، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 49 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 49 هزار 100 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 5 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 22 هزار ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ هزار 500 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. بيراجن جي صورتحال ۾ گڊو تي پاڻي جي آمد 47 ھزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 40 ھزار 500 ڪيوسڪ، سکر ۾ پاڻي جي آمد 39 ھزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 9 ھزار 700 ڪيوسڪ آھي، ڪوٽڙي ۾ پاڻي جي آمد 11 ھزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ھڪ ھزار ڪيوسڪ آھي، آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق تربيلا ڊيم جي گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1519.10 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 4.045 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1223.90 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي ذخيرو 5.889 ملين ايڪڙ فوٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 645.70 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.164 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں