ڪويت جي اترئين علائقي ”بحره ون “ ۾ 7 هزار سال پراڻا آثار دريافت

ڪويت سٽي-19 نومبر(اي پي پي)ڪويت جي اترئين پاسي بحره ون ۾ 7 هزار سال کان به وڌيڪ پراڻا آثار دريافت ٿيا آهن جن ۾ مجسما ۽ ٻيون شيون شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب دريافت ٿيل آثارقديمه ۾ 20 تندور شامل آهن جيڪي هڪ ڪاٿي موجب 7700 سال پراڻا ٿي سگهن ٿا. ان کان علاوه ” چٻري“ جا مجسما جنهن  ۾  ان جا پر به ٺهيل آهن. ان کان علاوه مقامي شيون جيڪي …

ڪويت سٽي-19 نومبر(اي پي پي)ڪويت جي اترئين پاسي بحره ون ۾ 7 هزار سال کان به وڌيڪ پراڻا آثار دريافت ٿيا آهن جن ۾ مجسما ۽ ٻيون شيون شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب دريافت ٿيل آثارقديمه ۾ 20 تندور شامل آهن جيڪي هڪ ڪاٿي موجب 7700 سال پراڻا ٿي سگهن ٿا. ان کان علاوه ” چٻري“ جا مجسما جنهن  ۾  ان جا پر به ٺهيل آهن. ان کان علاوه مقامي شيون جيڪي اٽڪل 7500 سال پراڻيون آهن. قومي آثار قديمه ۽ ميوزيم ڪائونسل جي معاون سيڪريٽري جنرل محمد بن رضا ٻڌايو ته بحره ون جو علائقو ٻيٽ نما عرب ۾ قديم ثقافت جو هنڌ مڃيو وڃي ٿو جنهن جي تاريخ 5700 سال قبل مسيح آهي جتي هزارين سال اڳ انساني آبادي هوندي هئي. معاون سيڪريٽري وڌيڪ ٻڌايو ته  آثارن جي دريافت جو ڪم پولينڊ جي جيولاجيڪل سروي مشن ڪيو، آثار جو ليبارٽري ۽ گرائونڊ تجزيو ڪرڻ کانپوءِ ان بابت رپورٽ جاري ڪئي وئي.

مزید خبریں