آمريڪا سان شرطن ۾ تبديلي کانسواءِ ڳالهين لاءِ تيار آهيون: ايران

تهران-19 نومبر (اي پي پي) ايران اعلان ڪيو آهي ته هو آمريڪا سان ايٽمي ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي لاڳاپن بابت اسٽريٽجڪ ڪائونسل جي سربراهه ڪمال خرازي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته آمريڪا کي پهريون قدم کڻڻو پوندو ته جيئن اهو ظاهر ٿئي ته هو اسان جي طئي ٿيل شرطن تي ڳالهين لاءِ تيار آهي. اهي ڳالهيون برابري جي بنياد ۽ …

تهران-19 نومبر (اي پي پي) ايران اعلان ڪيو آهي ته هو آمريڪا سان ايٽمي ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي لاڳاپن بابت اسٽريٽجڪ ڪائونسل جي سربراهه ڪمال خرازي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته آمريڪا کي پهريون قدم کڻڻو پوندو ته جيئن اهو ظاهر ٿئي ته هو اسان جي طئي ٿيل شرطن تي ڳالهين لاءِ تيار آهي. اهي ڳالهيون برابري جي بنياد ۽ گڏيل احترام تي هجڻ گهرجن. هن واضح ڪيو ته امڪاني ڳالهين ۾ ڌيان يورينيم جي رچاءُ جي عمل تي نه پر يورينيم جي مقدار تي هوندو. هن چيو ته ايران ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جون ڪوششون نه ڪري رهيو آهي.

مزید خبریں