نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي ايس سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي چيني وزيراعظم لي ڪيانگ سان ملاقات

ماسڪو - 18 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي چيني وزيراعظم لي ڪيانگ سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط اسٽريٽجڪ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اسحاق ڊار ۽ چين جي وزيراعظم …

ماسڪو – 18 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي چيني وزيراعظم لي ڪيانگ سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط اسٽريٽجڪ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اسحاق ڊار ۽ چين جي وزيراعظم گڏيل ۽ گهڻ رخي تعاون خاص طور تي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي دائري ۽ علائقائي تعاون جو جائزو ورتو ۽ ”شنگهائي اسپرٽ“ جي اصولن کي ساراهيو. هن عالمي مسئلن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مستقبل ۾ رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں