صدر آصف علي زرداري پاران باجوڙ ۽ بنون ۾ ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 18 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري باجوڙ ۽ بنون ۾ ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جون وقت سر ڪارروايون ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ رياست جي احترام جي عزم جي عڪاس آهن. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي …

اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري باجوڙ ۽ بنون ۾ ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جون وقت سر ڪارروايون ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ رياست جي احترام جي عزم جي عڪاس آهن. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي 23 دهشتگردن جي خاتمي کي سيڪيورٽي فورسز جي موثر حڪمت عملي قرار ڏنو. صدر چيو ته باجوڙ ۾ خوارج سرغنه سميت ڪيترن ئي دهشتگردن جو مارجڻ امن دشمن عنصرن جي لاءِ واضح پيغام آهي. بنون ۾ هڪ ٻي ڪارروائي ۾ 12 خوارج جي انجام تي پهچڻ تي صدر آصف علي زرداري جوانن جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو. صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز جون وقت سر ڪارروايون ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ رياست جي عزم جي عڪاس آهن. هن چيو ته پاڪستان جي سرزمين تي غيرملڪي پٺڀرائي ۾ سرگرم دهشتگردي جي ڪا گنجائش نه آهي.

مزید خبریں