اسلام آباد - 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ سک برادري جي مقدس جاين ۽ گوردوارن جي سارسنڀال ۽ هر ممڪن سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪا ۾ رهندڙ سک برادري جي تنظيم جي صدر جسديپ سنگهه سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات …
پاڪستان ۾ سک برادري جي مقدس جاين ۽ گوردوارن جي سارسنڀال ۽ هر ممڪن سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ سک برادري جي مقدس جاين ۽ گوردوارن جي سارسنڀال ۽ هر ممڪن سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪا ۾ رهندڙ سک برادري جي تنظيم جي صدر جسديپ سنگهه سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ پاڪستاني ڄائو آمريڪي ڪاروباري شخصيت ساجد تارڙ پڻ موجود هُئا. وزيراعظم پاڪستان اچڻ تي جسديپ سنگهه جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ سکن جون ڪيتريون ئي مقدس مذهبي جايون موجود آهن، سڄي دنيا مان سک برادري جا ماڻهو مذهبي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ اچن ٿا ۽ پاڪستان انهن جي مهمان نوازي ڪري ٿو. هن چيو ته اسان پاڪستان ايندڙ سک برادري کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اهو اسان جي لاءِ فخر جو سبب آهي ته پاڪستان سک برادري جي مقدس جاين ۽ گوردوارن جي سارسنڀال ۽ هتي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ سک برادري جي ڀلائي ۽ سڄي دنيا مان سک ياترين کي وڌيڪ سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙينداسين. سمنڊ پار پاڪستانين جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. جسديپ سنگهه پاڪستان ۾ بهترين ميزباني ۽ سک ياترين جي مهمان نوازي تي وزيراعظم ۽ پاڪستان جي حڪومت جا ٿورا ادا ڪيا.











