اسلام آباد - 18 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن تي زور ڏنو آهي ته اهي اقتصادي تعاون کي تيز ڪن، حصيدار ملڪن سان رابطن کي سگهه ڏين ۽ اڀرندڙ عالمي ۽ علائقائي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تنظيم کي جديد بڻائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ماسڪو ۾ ايس سي او ڪائونسل …
ايس سي او ميمبر ملڪ اقتصادي تعاون کي تيز ڪن: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن تي زور ڏنو آهي ته اهي اقتصادي تعاون کي تيز ڪن، حصيدار ملڪن سان رابطن کي سگهه ڏين ۽ اڀرندڙ عالمي ۽ علائقائي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تنظيم کي جديد بڻائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ماسڪو ۾ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته سربراهي اجلاس ۾ منظور ڪيل گڏيل پڌرنامو ۽ دستاويز علائقائي خوشحالي طرف گڏيل ڪوششن جي رهنمائي ۾ تمام اهم ثابت ٿيندو. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي واپار، معيشت، ثقافت ۽ انساني همدرديءَ تي پکڙيل تعاون جي ايجنڊا هڪ پختي مستقبل تي ٻڌل تنظيم جو بنياد رکي ٿي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار تازو تيانجن سربراهي اجلاس جي نتيجن جو ذڪر ڪندي چيو ته ايس سي او گهري اقتصادي انضمام طرف گامزن آهي. هن توسيع ٿيل واپاري تعاون، بهتر انفراسٽرڪچر ڪنيڪٽيويٽي، سيڙپڪاري جي حصيداري ۽ ايس سي او جي خطي ۾ پائيدار ترقي جي اهم ٿنڀن جي طور تي ڊيجيٽل معيشتن جي فروغ جو پڻ ذڪر ڪيو. هن انساني همدرديءَ جي تعاون ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي صلاحيت جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ”ٽيڪنالاجي سان ليس فعال ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ سسٽم تيار ڪيو آهي. هن علائقائي تيارين کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ميمبر ملڪن سان فرضي مشقون ڪرڻ تي پاڪستان جي رضامندي جو اظهار ڪيو. هن شنگهائي تعاون تنظيم جي مبصر ۽ حصيدار ملڪن سان مضبوط مشغوليت جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ايس سي او اڳتي وڌي ۽ انهن ملڪن کي انهن جي مهارت موجب پراجيڪٽ تي ٻڌل قدمن ۾ شامل ڪري. هن انگريزي کي ”ورڪنگ لينگوئيج“ جي طور تي متعارف ڪرائڻ جي پڻ آجيان ڪئي ۽ ايس سي او جي عالمي پهچ کي وسيع ڪرڻ جي لاءِ ٽرانسليشن يونٽس قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. نائب وزيراعظم عملي تعاون جي لاءِ ڪيترين ئي تجويزن جو خاڪو پڻ پيش ڪيو جنهن ۾ ايس سي او انٽر بئنڪ ڪنسورشيم جهڙن مالياتي ٽولز کي فعال ڪرڻ ۽ ايس سي او ڊيولپمينٽ بئنڪ جي لاءِ ڪنيڪٽيويٽي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون جي منصوبن جي مدد جي لاءِ منصوبن کي اڳتي وڌائڻ شامل آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار انساني سرمائي جي ترقي جي اهميت تي زور ڏيندي ايس سي او يونيورسٽي نيٽ ورڪ کي هڪ ڪسنورشيم ۾ توسيع ڏيڻ جي وڪالت ڪئي. هن چيو ته اهڙي طرح جي قدمن سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، زراعت، پاڻي وسيلن جي انتظام ۽ ٽيلي ميڊيسن سميت اهم شعبن ۾ شاگردن جي مٽاسٽا ۽ گڏيل تحقيق کي هٿي ملندي. علائقائي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي هن چيو ته ايس سي او کي ”گڏيل ڪاميابي جي لاءِ لانچ پيڊ“ جي طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي جيڪا ميمبر ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ جدت، گڏيل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪري.











