نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران ايس سي او  مُلڪن ۾ واپاري، اقتصادي، ثقافتي ۽ انساني تعاون تي زور

ماسڪو - 18 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ماسڪو ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندي ايس سي او فريم ورڪ ۾ پاڪستان جي ترجيحن جو ذڪر ڪندي علائقائي حصيداري جي اهم ٿنڀن جي طور تي واپاري، اقتصادي، ثقافتي ۽ انساني تعاون تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس موجب …

ماسڪو – 18 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ماسڪو ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندي ايس سي او فريم ورڪ ۾ پاڪستان جي ترجيحن جو ذڪر ڪندي علائقائي حصيداري جي اهم ٿنڀن جي طور تي واپاري، اقتصادي، ثقافتي ۽ انساني تعاون تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم واپار، بنيادي ڍانچي جي ترقي، سيڙپڪاري ۽ ڊيجيٽل ترقي جي ذريعي وڌيڪ اقتصادي انضمام جي ضرورت تي زور ڏنو. هن علائقائي آفتن جي تياري تي تعاون کي وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي حصيدارن سان گڏيل فرضي مشقون منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي تياري جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ايس سي او کي جديد بڻائڻ ۽ انگريزي کي ”ورڪنگ لينگوئيج“ جي طور تي متعارف ڪرائي ان جي پهچ کي وڌائڻ تي زور ڏنو. هن گڏيل هدفن سان واڳيل پرجيڪٽ تي ٻڌل قدمن ۾ مبصر ۽ حصيدار رياستن جي گهري شموليت جي تجويز پڻ ڏني. هن شنگهائي تعاون تنظيم جي مالياتي اداري ۽ ٽولز جي قيام سان گڏوگڏ تعليمي رابطن کي سگهه ڏئي انساني سرمائي جي ترقي جي تجويز پڻ ڏني. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار وڌيڪ گڏيل ۽ ٺوس خطي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں