اسلام آباد - 18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت (بي پي سي) جو ٽيون دور ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان پاران وفد جي قيادت ايشيا ۽ پيسفڪ بابت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري عمران احمد صديقي ڪئي جڏهن ته ٿائيلينڊ پاران وفد جي قيادت پرڏيهي معاملن بابت نائب مستقل سيڪريٽري سريلاڪ نيوم ڪئي. ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ جي ٻطرفي لاڳاپن …
پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٽيون دور

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت (بي پي سي) جو ٽيون دور ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان پاران وفد جي قيادت ايشيا ۽ پيسفڪ بابت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري عمران احمد صديقي ڪئي جڏهن ته ٿائيلينڊ پاران وفد جي قيادت پرڏيهي معاملن بابت نائب مستقل سيڪريٽري سريلاڪ نيوم ڪئي. ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ جي ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري، ترقي، تعليم ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ان پراڻي حصيداري کي نئين سطح تائين وٺي وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. مشاورت انتهائي خوشگوار ۽ تعميري ماحول م ٿي. ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو ۽ گڏيل اتفاق راءِ سان ايندڙ دور جي ٻطرفي سياسي مشاورت بئنڪاڪ ۾ منعقد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.











