اسلام آباد - 18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ڇهون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. ٻنهي ڌرين واپار، سيڙپڪاري، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ موسمياتي تبديلي ۾ تعاون سميت ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي قيادت ايڊيشنل سيڪريٽري يورپ محمد خالد جمالي ڪئي ۽ فنڊ …
اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ڇهون دور

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ڇهون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. ٻنهي ڌرين واپار، سيڙپڪاري، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ موسمياتي تبديلي ۾ تعاون سميت ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي قيادت ايڊيشنل سيڪريٽري يورپ محمد خالد جمالي ڪئي ۽ فنڊ لينڊ جي قيادت پرڏيهي ۽ سلامتي پاليسي بابت انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽ اوٽي هولوپينن ڪري رهيو هو. ڌرين واپار، سيڙپڪاري، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ موسمياتي تبديلي ۾ تعاون سميت ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي. ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي فن لينڊ سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جي تصديق ڪئي. وڌيڪ اهو ته ايڊيشنل سيڪريٽري پاڪستان جي جي ايس پي پلس حيثيت تي فنش ڌر جا ٿورا ادا ڪيا ۽ اپريل 2026ع ۾ ٿيندڙ پاڪستان يورپي يونين بزنس فورم ۾ فنش ڪمپنين کي شرڪت جي دعوت ڏني. اهو طئي ٿيو ته مشاورت جو ايندڙ دور فن لينڊ ۾ منعقد ڪيو ويندو.











