اسلام آباد - 18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيلي قابض فوج ۽ انتهاپسند آبادڪارن پاران والاريل اولهندي ڪناري ۾ فلسطيني عوام جي خلاف مسلسل پرتشدد ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ مسجد اقصيٰ تي بار بار قبضو ڪرڻ ۽ نمازين جي خلاف اشتعال انگيزي شامل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي طرح جا قدم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن …
پاڪستان پاران اسرائيلي قابض فوج ۽ انتهاپسند آبادڪارن پاران فلسطيني عوام خلاف مسلسل پرتشدد ڪاررواين جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيلي قابض فوج ۽ انتهاپسند آبادڪارن پاران والاريل اولهندي ڪناري ۾ فلسطيني عوام جي خلاف مسلسل پرتشدد ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ مسجد اقصيٰ تي بار بار قبضو ڪرڻ ۽ نمازين جي خلاف اشتعال انگيزي شامل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي طرح جا قدم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهن. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهو ضروري آهي ته مقدس جاين جي تقدس کي عالمي قانون ۽ تاريخي حيثيت موجب يقيني بڻايو وڃي. پاڪستان عالمي برادري کان مقدس جاين جي تحفظ کي يقيني بڻائن، آبادڪارن جي وڌيڪ تشدد ۽ دخل اندازين کي روڪڻ ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن کي برقرار رکڻ جي لاءِ فوري ۽ موثر قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري ٿو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ٻه رياستي حل تي ٻڌل منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار امن جي حمايت ۾ پنهنجي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ آزاد، خودمختيار، قابل عمل ۽ لڳولڳ فلسطين رياست جو قيام عمل ۾ آندو ويندو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.











