اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ قومي سلامتي، دفاع، غذائي تحفظ ۽ پئٽروليم شعبن ۾ سڌارن بابت مختلف سمريز تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ گهرو وزارت ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرولجي درخواست تي وفاقي سول آرمڊ فورسز جي استعمال ۾ ايندڙ دفاعي سامان جي مرمت ۽ سار …
اقتصادي رابطا ڪميٽي پاران دفاعي خدمتن جي منظور ٿيل منصوبن لاءِ 50 ارب روپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري

مزید خبریں
اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ قومي سلامتي، دفاع، غذائي تحفظ ۽ پئٽروليم شعبن ۾ سڌارن بابت مختلف سمريز تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ گهرو وزارت ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرولجي درخواست تي وفاقي سول آرمڊ فورسز جي استعمال ۾ ايندڙ دفاعي سامان جي مرمت ۽ سار سنڀال لاءِ 10 ڪروڙ 3 لک روپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. سرحدي نگراني، داخلي سلامتي، قانون ۽ نظم و ضبط جي بحالي لاءِ وفاق سول آرمڊ فورسز جي معاونت بابت گهرو وزارت ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي هڪ سمري تي ڪميٽي 84 ڪروڙ 15 لک 60 هزار روپين جي اضافي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني. ڪميٽي دفاع ڊويزن جي سمري تي دفاعي خدمتن جي منظور ٿيل ڪيترن ئي منصوبن لاءِ 50 ارب روپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت طرفان پاسڪو جي تحليل ۽ اسپيشل پرپز ويهيڪل جي قيام بابت سمري جو جائزو ورتو ويو. ڪميٽي ايس پي وي جي قيام جي منظوري ڏيندي شروعاتي 10 لک روپين جي ادا ٿيل سرمائي ۽ مجاز سرمائي جي گهٽتائي جي منظوري ڏين ته جيئن اداري جي مرحليوار تحليل لاءِ گهربل انتظام ڪري سگهجن. اجلاس ۾ پئٽروليم ڊويزن طران آف شور تيل ۽ گيس جي ڳولها جي بلاڪس جي مدي ۾ واڌ ۽ ورڪنگ انٽرسٽ جي منتقلي بابت سمري جو جائزو ورتو ويو. ڪميٽي پاڪستان جي پئٽروليم ايڪسپلوريشن شعبي ۾ غير ملڪي ڪمپنين جي وڌيڪ شموليت کي ترغيب ۽ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ انهن تجويزن جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ پئٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، منصوبا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان سميت لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن ۽ ريگيوليٽري ادارن جي وفاقي سيڪريٽريز ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي.











