اسلام آباد -18 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مذهبي عدم برداشت جي وڌندڙ رجحان، دهشتگردي ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان تجويزن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ مذهب ۽ …
مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير سان مصر جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد -18 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مذهبي عدم برداشت جي وڌندڙ رجحان، دهشتگردي ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان تجويزن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ مذهب ۽ تهذيبن وچ ۾ ڳالهين جي اشد ضرورت آهي. پاڪستان ۽ مصر کي ان سلسلي ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. مصر جي سفير چيو ته پاڪستان عالمن کي مصر موڪلي ته جيئن هو دنيا جي قديم ترين درسگاهه جامع الازهر جي تجربن ۽ تعليم مان فائدو کڻن. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير گذريل مهيني مصر جو دورو ڪيو هو. مصر طرفان جامعه الازهر جي نگراني هيٺ اسلام آباد ۾ جديد تعليمي ادارو قائم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. وفاقي وزير جامعه الازهر جي انتظام هيٺ اسلام آباد ۾ ادارو قائم ڪرڻ جي آڇ جي آجيان ڪئي. ملاقات ۾ انتهاپسندي ۽ شدت پسندي جي خاتمي ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺائڻ لاءِ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.











