اسلام آباد -18 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت نئين گاج ڊيم ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. وفاقي آئيني عدالت ۾ گذريل ڏينهن نئين گاج ڊيم ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪيس ٻڌڻ جوڳو هئڻ جي اعتراضن تي بحث ٿيو جنهن کان پوءِ عدالت ڪارروائي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي …
وفاقي آئيني عدالت پاران نئين گاج ڊيم ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي

مزید خبریں
اسلام آباد -18 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت نئين گاج ڊيم ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. وفاقي آئيني عدالت ۾ گذريل ڏينهن نئين گاج ڊيم ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪيس ٻڌڻ جوڳو هئڻ جي اعتراضن تي بحث ٿيو جنهن کان پوءِ عدالت ڪارروائي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي نجي ڪمپني جي وڪيل محمد مسعود خان عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ سندس پاران 3 لکت وارا جواب جمع ڪرايا ويا آهن. وڪيل مسعود خان پنهنجي دليلن ۾ چيو ته ان ڪيس تي اڳ ئي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججن حڪم جاري ڪيا آهن، پر اڃا تائين ڪيس کي باضابطا طور ٻڌڻ جوڳو قرار ناهي ڏنو ويو. وڪيل جو چوڻ هو ته 27 هين آئيني ترميم کان پوءِ ان نوعيت جون سموريون درخواستون وفاقي آئيني عدالت ۾ منتقل هئڻ لازمي آهن. وڪيل چيو ته ايف ون سي تحت ميرٽ ٻڌڻ کان اڳ ٻڌڻ جوڳو هئڻ تي فيصلو اچڻ ضروري آهي ۽ سپريم ڪورٽ جا قاعدا هاڻي به قابل عمل آهن. چيف جسٽس امين الدين خان رمارڪس ڏنا ته آئين ۾ اهڙي ڪا به پابندي موجود ناهي ته ٻن ميمبرن جو فيصلو ٻه ميمبر نٿا ٻڌي سگهن. اهو اصول سپريم ڪورٽ رولز جو حصو هو آئين ۾ ان جو ڪو به شرط ناهي ڏٺو ويو. دليل ٻڌڻ کان پوءِ عدالت ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪندي وڌيڪ ڪارروائي ساڳئي ڏينهن تي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو.











