وفاقي گهرو وزير پاران ڪي پي ڪي ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين

اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي خيبرپختونخواهه ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين آپريشنز جاري رهندا. گهرو وزارت مان جاري بيان مطابق گهرو وزير محسن نقوي 15 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. هن چيو ته 15 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي عبرتناڪ …

اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي خيبرپختونخواهه ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين آپريشنز جاري رهندا. گهرو وزارت مان جاري بيان مطابق گهرو وزير محسن نقوي 15 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. هن چيو ته 15 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تي پهچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. بهادر فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. محسن نقوي چيو ته قوم ڪي پي ڪي ۾ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين آپريشنز جاري رهندا.

مزید خبریں