اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان سينيٽ سيڪريٽري سيد حسنين حيدر جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته والده جو هي دنيا ڇڏي وڃڻ انسان جي زندگي جو سڀ کان وڏو صدمو آهي جنهن …
سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين پاران سينيٽ سيڪريٽري سيد حسنين حيدر جي والده جي وفات تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان سينيٽ سيڪريٽري سيد حسنين حيدر جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته والده جو هي دنيا ڇڏي وڃڻ انسان جي زندگي جو سڀ کان وڏو صدمو آهي جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ناهي. هن چيو ته والده جي شفقت، دعائون ۽ تربيت انسان جي سڄي زندگي جو سهارو هوندي آهي ۽ ان جو لاڏاڻو ڪري وڃڻ هڪ نه ڀرجڻ جهڙو خال هوندو آهي. هن مرحومه جي پوئنيرن سان دلي همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته هو هن ڏکئي وقت ۾ سوڳوار خاندان سان گڏ آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام ۽ بلند درجا عطا ڪري. الله تعاليٰ سينيٽ سيڪريٽري سيد حسنين حيدر کي صبر ۽ اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. جڏهن ته سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو ته ماءُ جهڙي عظيم هستي جو ڇڏي وڃڻ انسان جي زندگي جو انتهائي ناقابل بيان لمحو هوندو آهي. والدين الله جي اهي نعمت آهن جن جي محبت، شفقت ۽ تربيت انسان سڄي زندگي ياد رکي ٿو. ڊپٽي چيئرمين، مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ مغفرت لاءِ دعا ڪندي چيو ته الله تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطافرمائي ۽ پوئينرن کي صبر ۽ حوصلو عطا ڪري. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ هو سينيٽ سيڪريٽري سيد حسنين حيدر ۽ گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. الله تعاليٰ مرحومه جي بخشش فرماءِ ۽ هن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ نصيب ڪري.











