وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير جي نئين حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪندي: امير مقام

پشاور -18 نومبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي، ته وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير جي نئين حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪندي. هن نئين چونڊيل وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ کي مبارڪون ڏيندي چيو ته نوجوان وزيراعظم پنهنجي قيادت ۾ ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ کي اثرائتي انداز ۾ عالمي سطح تي اجاگر ڪندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ امير مقام چيو …

پشاور -18 نومبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي، ته وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير جي نئين حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪندي. هن نئين چونڊيل وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ کي مبارڪون ڏيندي چيو ته نوجوان وزيراعظم پنهنجي قيادت ۾ ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ کي اثرائتي انداز ۾ عالمي سطح تي اجاگر ڪندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ امير مقام چيو ته اميد آهي، ته فيصل ممتاز راٺوڙ آزاد ڪشمير جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جامع قدم کڻندو ۽ عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو. هن زور ڀريو ته وفاقي حڪومت هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي ته جيئن نئين حڪومت پنهنجي مقصدن کي ڪاميابي سان حاصل ڪري سگهي. وفاقي وزير چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام کي نوجوان وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ مان ڪيتريون ئي اميدون آهن ۽ سندس قيادت ۾ عوامي ڀلائي جا منصوبا جلد عملي شڪل اختيار ڪندا.

مزید خبریں