احسن اقبال جي صدارت هيٺ سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي جو اجلاس

اسلام آباد -18 نومبر (اي پي پي) سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي پنهنجي تازي اجلاس ۾ مختلف شعبن بابت ڪيترن ئي اهم ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس جي صدارت پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين پروفيسر احسن اقبال ڪئي، جنهن ۾ منصوبن جي فني، مالي ۽ سماجي اهميت جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ معياري تعليمي سهولتن جي فراهمي لاءِ سي ڊي …

اسلام آباد -18 نومبر (اي پي پي) سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي پنهنجي تازي اجلاس ۾ مختلف شعبن بابت ڪيترن ئي اهم ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس جي صدارت پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين پروفيسر احسن اقبال ڪئي، جنهن ۾ منصوبن جي فني، مالي ۽ سماجي اهميت جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ معياري تعليمي سهولتن جي فراهمي لاءِ سي ڊي ڊبليو پي چترال ۾ دانش اسڪول جي قيام جي منصوبي جي منظوري ڏني. ان منصوبي جي لاڳت 3319.729 ملين روپيه آهي ۽ ان جو مقصد ڪي پي ڪي جي ڏورانهين خطي ۾ مستحق شاگردن کي جديد تعليمي موقعا فراهم ڪرڻ آهي. منصوبو علائقي ۾ تعليم جي شرح ۾ بهتري ۽ نوجوانن جي سگهه ۾ اضافي جي سبب بڻجندو. وفاقي سرڪاري ادارن جي پاليسي سازي، منصوبا بندي ۽ پروگرام مينيجمنٽ جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ وفاقي حڪومتي ادارن جي سگهه ۾ اضافي جي منصوبي جي منظوري ڏني وئي. ان منصوبي جي ماليت 5431.500 ملين روپيه آهي جنهن تحت سرڪاري ادارن کي عالمي معيار مطابق پاليسي ۽ پروگرام تيار ڪرڻ ۽ اثرائتي انداز ۾ عملدرآمد ڪرڻ جي تربيت فراهم ڪئي ويندي. عوام کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي مقصد سان سي ڊي ڊبليو پي پاڪستان انسٽي ٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) جي نظرثاني ٿيل منصوبو اسٽروڪ انٽروينشن ۽ ڪريٽيڪل ڪيئر/ ڪارڊيڪ سهولتن جي توسيع جي منظوري ڏني. ان منصوبي تي 7220.956 ملين روپين جي لاڳت ايندي ۽ ان تحت جديد اسٽروڪ ٽريٽمنٽ يونٽ، ڪارڊيڪ ڪيئر يونٽ ۽ انتهائي نگهداشت جي سهولتن ۾ توسيع شامل آهي. اهو منصوبو اسلام آباد ۽ سڄي ملڪ جي مريضن لاءِ جديد طبي خدمتن جي فراهمي ۾ هڪ وڏو قدم ثابت ٿيندو. شهري ترقي ۽ انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ سي ڊي ڊبليو پي نظرثاني ٿيل منصوبي پنجاب انٽرميڊيٽ سٽيز امپرومنٽ انويسٽمنٽ پروگرام لاءِ پروجيڪٽ ريڊي نيس فنانسنگ (پي آر ايف) جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان منصوبي جي مجموعي لاڳت 4836.717 ملين روپيه آهي جنهن ذريعي پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ترقياتي منصوبن جي وقت سر تياري، مالياتي نظم و نسق ۽ سروس ڊليوري ۾ بهتري آندي ويندي. ملڪ ۾ توانائي جي شعبي کي مضبوط بنائڻ لاءِ هڪ وڏو نظر ثاني ٿيل منصوبو خيبر 1،2،3 ۽ نگر خان 1 ۽ 2 هائيڊرو پاور اسٽيشنز جي بحالي، چلت لاءِ اي اينڊ ايم اوزارن، انرجي ايفيشنسي ۽ جينڊر ڪمپننٽ (ڊولپمنٽ آف هائيڊرو پاور اينڊ رينيو ايبل انرجي ڪي ايف ڊبيلو – 3 گرانٽ پروگرام) به منظور ڪيو ويو. اهو منصوبو 5274.510 ملين روپين جي لاڳت سان ممڪن ٿيندو. ان تحت موجوده هائيڊرو پاور اسٽيشنز جي سگهه ۾ اضافو، اوزارن جي اپ گريڊيشن ۽ توانائي جي اثرائتي استعمال کي يقيني بنايو ويندو. منصوبو نه صرف تجديد جوڳي توانائي جي پيداوار ۾ اضافو ڪندو پر ماحول دوست توانائي کي هٿي ڏيڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندو. سي ڊي ڊبليو پي طرفان منظور ڪيل انهن منصوبن سان ملڪ ۾ تعليم، صحت، توانائي، شهري ترقي ۽ حڪومتي ادارن جي اهليت ۾ نمايان بهتري جي اميد ڪئي پئي وڃي. حڪومت جو چوڻ آهي ته اهي قدم ترقياتي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ عوام تائين بهتر خدمتن جي فراهمي لاءِ نهايت اهم آهن.

مزید خبریں