اسلام آباد - 18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ وفاقي جمهوريه جرمني جي سفير اينا ليپل ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو، جتي کيس سرڪاري نيوز ايجنسي جي نيوز آپريشنز بابت بريفنگ ڏني وئي. ملاقات ۾ اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سبين عثمان خٽڪ سفير کي مستند ۽ قابل اعتماد خبرن جي ورڇ ۾ اي پي پي جي اهم ڪردار بابت آگاهه …
پاڪستان ۾ جرمني جي سفير اينا ليپل جو اي پي پي هيڊ ڪوارٽر جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ وفاقي جمهوريه جرمني جي سفير اينا ليپل ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو، جتي کيس سرڪاري نيوز ايجنسي جي نيوز آپريشنز بابت بريفنگ ڏني وئي. ملاقات ۾ اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سبين عثمان خٽڪ سفير کي مستند ۽ قابل اعتماد خبرن جي ورڇ ۾ اي پي پي جي اهم ڪردار بابت آگاهه ڪيو. جڏهن ته اي پي پي جي ڊائريڪٽر نيوز شمائله عندليب ايجنسي جي خبرن جي آپريشنز بابت آگاهي ڏني، جيڪو اداري جي مُختلف ٻولين جي سروسز ۽ سڄي ملڪ ۾ صحافين جي هڪ وڏي نيٽ ورڪ ذريعي ٿيندو آهي. جرمني جي سفير ليپل مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو،

جڏهن ته پاڪستان سان جرمني جي قابل تجديد توانائي، موسمياتي لچڪ ۽ اقتصادي تعاون کي اجاگر ڪيو. اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جرمن سفير کي سرڪاري نيوز ايجنسي جي دوري جي موقعي تي سووينئر پيش ڪيو. ان موقعي تي جرمن سفارتخاني جو ڪميونيڪيشن، ڪلچرل افيئرز ۽ پروٽوڪول جو سربراهه جان جيرالڊ ڪراسر ۽ اي پي پي جو ڊپلوميٽڪ اينڊ گلوبل افيئرز بابت ڊپٽي ڊائريڪٽر مدثر اقبال پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. بعد ۾ جرمن سفير اي پي پي اسٽوڊيو جو دورو ڪيو، جتي هن هڪ خاص انٽرويو ڏنو، جنهن ۾ مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي مدد کي اجاگر ڪيو ويو.











