بلاول ڀٽو زرداري پاران خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڊيره اسماعيل خان ۽ اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڀارتي پراڪسي دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جي خاتمي لاءِ سڄي قوم متحد ۽ پر عزم آهي. پيپلز پارٽي جي ميڊيا سيل مان جاري بيان مطابق چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي …

اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڊيره اسماعيل خان ۽ اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڀارتي پراڪسي دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جي خاتمي لاءِ سڄي قوم متحد ۽ پر عزم آهي. پيپلز پارٽي جي ميڊيا سيل مان جاري بيان مطابق چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي سندن پختي عزم ۽ حوصلي تي سلام پيش ڪيو. هن چيو ته آپريشنز ۾ سرگرم اڳواڻ عالم محسود سميت 15 پراڪسي دهشتگردن کي مارڻ وڏي ڪاميابي آهي. ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي ”عزم استحڪام“ مهم جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارتي پراڪسي دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جو خاتمو ڪرڻ لاءِ پوري قوم متحد ۽ پرعزم آهي.

مزید خبریں