مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جو موٽر وي ايم 5 جلالپور پيروالا جو دورو

ملتان-18 نومبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، اين ايڇ اي اختيارين کي مرمتي ڪمن جي معياري ۽ وقت سر پڄاڻي جي هدايت ۽ تنبيهه ڪندي چيو آهي ته غير معياري ڪم برادشت نه ڪيو ويندو. مواصلات واري وزارت مان جاري بيان مطابق مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، موٽر وي ايم 5 جلالپور پيروالا جو دورو ڪيو. هن موٽر وي ايم 5 تي ٻوڏ کانپوءِ جاري …

ملتان-18 نومبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، اين ايڇ اي اختيارين کي مرمتي ڪمن جي معياري ۽ وقت سر پڄاڻي جي هدايت ۽ تنبيهه ڪندي چيو آهي ته غير معياري ڪم برادشت نه ڪيو ويندو. مواصلات واري وزارت مان جاري بيان مطابق مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، موٽر وي ايم 5 جلالپور پيروالا جو دورو ڪيو. هن موٽر وي ايم 5 تي ٻوڏ کانپوءِ جاري بحالي جي ڪمن جو معائنو ڪيو. وفاقي وزير، اين ايڇ اي اختيارين کي مرمتي ڪمن جي معياري ۽ وقت سر پڄاڻي جون هدايتون ڪيون آهن. وفاقي وزير اها به هدايت ڪئي ته 30 نومبر تائين موٽر وي جي هڪ طرفي بحالي يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته ٽريفڪ جي بحالي سميت شهرين کي درپيش مشڪلاتن جو جلد کان جلد ازالو ڪيو وڃي. اين ايڇ اي اختيارين کي تنبيههه ڪئي ته غير معياري ڪم برداشت نه ٿيندو. وفاقي وزير، هڪ هفتي ۾ پروگريس رپورٽ طلب ڪندي چيو ته ٻيهر دورو ڪندس. مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، ايم 5 موٽر وي تي ريسٽ هائوسز جو به دورو ڪيو ۽ ناقص انتظامن تي اين ايڇ اي اختيارين تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، صاف سٿرا واش رومز ۽ ٽڪ شاپس جون سهولتون يقيني بنايون وڃن. هن چيو ته مسافرن جو حق آهي ته انهن کي وڌ کان وڌ سهولتون ڏنيون وڃن، سهولت معياري ۽ مناسب هوندي ته شهري ٽيڪسز ادا ڪرڻ لاءِ به تيار رهندا. هن موٽر وي ايم 5 کي محفوظ ۽ آرام وارو بڻائڻ جون هدايتون ڏنيون. هن چيو ته جلالپور پيروالا ۾ اين ايڇ اي مسلسل سرگرم عمل آهي، جلد مڪمل بحالي ٿيندي. ان موقعي تي وفاقي وزير عبدالعليم خان کي اين ايڇ اي عملي هن وقت تائين جي صورتحال تي بريفنگ ڏني.

مزید خبریں