چين جي دؤري تي ويل عالمي وفد جو راڻا احسان افضل خان جي سربراهيءَ ۾ ووهان جي تاريخي روڊ جو دؤرو

ووهان-18 نومبر (اي پي پي) ايشيا، آفريقا، يورپ، لاطيني آمريڪا ۽ ٻين خطن جي 21 ماڻهن تي ٻَڌل هڪ اعليٰ سطحي عالمي وفد ڪالهه وزيراعظم جي واپار بابت خاص مددگار رانا احسان افضل خان جي اڳواڻيءَ ۾ ووهان ۾ تاريخي روڊ لي هوانگپي جي تاريخي ۽ ثقافتي بلاڪ جو دؤرو ڪيو. وفد 604 ميٽر ڊگهي روڊ جو دؤرو ڪيو جتي ووهان جي سڀ کان خوبصورت گهٽي آهي. هي 1900ع ۾ …

ووهان-18 نومبر (اي پي پي) ايشيا، آفريقا، يورپ، لاطيني آمريڪا ۽ ٻين خطن جي 21 ماڻهن تي ٻَڌل هڪ اعليٰ سطحي عالمي وفد ڪالهه وزيراعظم جي واپار بابت خاص مددگار رانا احسان افضل خان جي اڳواڻيءَ ۾ ووهان ۾ تاريخي روڊ لي هوانگپي جي تاريخي ۽ ثقافتي بلاڪ جو دؤرو ڪيو. وفد 604 ميٽر ڊگهي روڊ جو دؤرو ڪيو جتي ووهان جي سڀ کان خوبصورت گهٽي آهي. هي 1900ع ۾ هوانگپي ڊسٽرڪٽ جي رهواسين طرفان تعمير ڪئي وئي، هي روڊ يورپي ۽ چيني تعميراتي طرز جي پنهنجي مخصوص محبت ۽ اتحاد لاءِ مشهور آهي. دؤري دوران وفد اهم ماڳن جو سير ڪيو، خاص ڪري باگونگ هائوس جيڪو 1910ع ۾ ڳاڙهي سِرن سان روسي چانهه جي واپارين، بنوف ڀائرن تعمير ڪيو هو. وفد 7 آگسٽ جي ميٽنگ سائيٽ ميموريل هال جو به دؤرو ڪيو جتي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا 1927ع ۾ 7 آگسٽ جو اهم اجلاس سڏايو هو. نمائندن کي ووهان جي گهڻ ثقافتي شهري ورثي ۽ سي پي سي جي شروعاتي انقلابي تاريخ بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻُڌايو ويو ته چين ڪهڙيءَ طرح تعميراتي خوبصورتي ۽ سياسي اهميت رکندڙ ماڳن کي محفوظ رکي ٿو.

مزید خبریں