شزه فاطمه خواجه پاران پاڪستان جي ڊجيٽل ويزن کي ملائيشيا جي ڊجيٽل معيشت جي هدفن سان مڪمل هم آهنگ قرار

باڪو-18 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه پاڪستان جي ڊجيٽل ويزن کي ملائيشيا جي ڊجيٽل معيشت جي هدفن سان مڪمل هم آهنگ قرار ڏيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊجيٽل پاليسي ڊائلاگ جي شروعات ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. آءِ ٽي وزارت مان جاري بيان موجب ورلڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڊولپمينٽ ڪانفرنس جي موقعي تي وفاقي وزير ملائيشيا جي مواصلات واري وزير احمد …

باڪو-18 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه پاڪستان جي ڊجيٽل ويزن کي ملائيشيا جي ڊجيٽل معيشت جي هدفن سان مڪمل هم آهنگ قرار ڏيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊجيٽل پاليسي ڊائلاگ جي شروعات ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. آءِ ٽي وزارت مان جاري بيان موجب ورلڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڊولپمينٽ ڪانفرنس جي موقعي تي وفاقي وزير ملائيشيا جي مواصلات واري وزير احمد فهمي محمد فاضل سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ڌُرين ٻنهي ملڪن جي مضبوط ناتن ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي ساراهيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو ڊجيٽل ويزن ملائيشيا جي ڊجيٽل معيشت جي هدفن سان مڪمل هم آهنگ آهي. هن پاڪستان جي تيزي سان وڌندڙ آءِ ٽي انڊسٽري ۽ 6 لک کان وڌيڪ ٽيڪ پروفيشنلز کي وڏي طاقت قرار ڏنو. ٻنهي ڌُرين ملائيشيا ۽ پاڪستان جي آءِ سي ٽي روانگي واپار جي رجحان کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جو ورجاءُ ڪيو. شزه فاطمه خواجه ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊجيٽل پاليسي ڊائلاگ جي شروعات ڪرڻ جي آڇ ڪئي. وفاقي وزير مصنوعي ذهانت، ڊيٽا سائنس سميت ٻين شعبن ۾ ٽيلنٽ موبيلٽي ۽ اسڪل الائنمنٽ جون تجويزون ڏنيون. وفاقي وزير سائبر سيڪيورٽي ۽ ڊجيٽل ڪونٽينٽ ۾ گڏيل قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وفاقي وزير آذربائيجان جي آسان خدمت سينٽر جو دؤرو ڪيو. شزه فاطمه خواجه آذربائيجان جي شهري خدمتن جي ماڊل کي ڊجيٽل گورننس جو بهترين مثال قرار ڏنو. پاڪستاني وفد کي اي گورننس، شهري سروس ڊليوري ۽ ڊجيٽل انٽيگريشن جي ماڊلز تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير آسان خدمت ميڊيا کي به پڻ انٽرويو ڏنو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي تازي آذربائيجان جي دؤري کانپوءِ پاڪستان ۽ آذربائيجان جا ناتا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. هن چيو ته ٻئي ملڪ ڊجيٽل سهڪار، ٽيڪنالاجي ۾ ڀائيواري ۽ عوامي خدمتن جي مٽاسٽا جي نئين دؤر ۾ داخل ٿي رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته شهري مرڪز ڊجيٽل سروسز پاڪستان جي ڊجيٽل ريفارمنز جو بنيادي مرڪز آهي. وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد ۾ پائليٽ پراجيڪٽ کانپوءِ سڄي پاڪستان ۾ آسان خدمت جهڙا شهري خدمت مرڪز قائم ڪرڻ چاهيون ٿا.

مزید خبریں