مظفر آباد-18 نومبر (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جو 16هون وزيراعظم پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جو سينئر اڳواڻ راجا فيصل ممتاز راٺوڙ 11 اپريل 1978ع تي راولپنڊي ۾ پيدا ٿيو. هو هڪ سياسي خاندان سان لاڳاپيل شخصيت آهي. سندس والد راجا ممتاز حسين راٺوڙ 1990ع ۾ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم رهي چڪو آهي، جڏهن ته والده بيگم فرحت راٺوڙ به قانون ساز اسيمبلي جي ميمبر رهي چڪي آهي، …
آزاد ڪشمير جو 16هون وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺوڙ سياسي خاندان سان لاڳاپيل شخصيت

مزید خبریں
مظفر آباد-18 نومبر (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جو 16هون وزيراعظم پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جو سينئر اڳواڻ راجا فيصل ممتاز راٺوڙ 11 اپريل 1978ع تي راولپنڊي ۾ پيدا ٿيو. هو هڪ سياسي خاندان سان لاڳاپيل شخصيت آهي. سندس والد راجا ممتاز حسين راٺوڙ 1990ع ۾ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم رهي چڪو آهي، جڏهن ته والده بيگم فرحت راٺوڙ به قانون ساز اسيمبلي جي ميمبر رهي چڪي آهي، جيڪا پي پي پي ويمن ونگ جي سربراهه هئي. راجا فيصل ممتاز راٺوڙ جو وڏو ڀاءُ راجا مسعود ممتاز راٺوڙ به قانون ساز اسيمبلي جو ميمبر رهي چڪو آهي. راجا فيصل ممتاز راٺوڙ 2011ع ۾ پهرين ڀيرو اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ اڳوڻي وزيراعظم چوڌري عبدالمجيد جي ڪابينا ۾ اوقاف ۽ بجلي واري وزارت جا عهدا سنڀاليا. 2017ع کان هو پي پي پي آزاد ڪشمير جو جنرل سيڪريٽري بڻيو ۽ اڳوڻي اتحادي حڪومت ۾ لوڪل گورنمنٽ ۽ ڳوٺاڻي ترقيات وارو وزير به رهيو.











