قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران فيصل ممتاز راٺوڙ کي آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻڻ تي مبارڪون

اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، راجا فيصل ممتاز راٺوڙ کي آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻڻ تي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن چيو ته راجا فيصل ممتاز راٺوڙ جي چونڊ آزاد ڄمون ڪشمير جي عوام لاءِ سٺو سئنوڻ ثابت ٿيندي. هن چيو ته راجا فيصل ممتاز راٺوڙ هڪ مڃيل …

اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، راجا فيصل ممتاز راٺوڙ کي آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻڻ تي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن چيو ته راجا فيصل ممتاز راٺوڙ جي چونڊ آزاد ڄمون ڪشمير جي عوام لاءِ سٺو سئنوڻ ثابت ٿيندي. هن چيو ته راجا فيصل ممتاز راٺوڙ هڪ مڃيل ۽ مدبر سياستدان آهي، سندس قيادت ۾ آزاد ڄمون ڪشمير رياست ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته نئين چونڊيل وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺوڙ جي قيادت ۾ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ هاڪاري تبديلي ايندي. هن آزاد ڄمون ڪشمير جي عوام جي روشن مستقبل لاءِ نيڪ تمنائن جو به اظهار ڪيو. اسپيڪر سردار اياز صادق، خطي ۾ معاشي ترقي، امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ دعا ڪئي.

مزید خبریں