ٻار اسان جو مستقبل آهن ۽ سندن تحفظ هر صورت اسان جي اولين ترجيح آهي: گورنر ڪامران خان ٽيسوري

ڪراچي-18 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ٻارن جي جنسي استحصال، بدسلوڪي ۽ تشدد کان بچاءُ جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته ٻار اسان جو مستقبل آهن ۽ سندن تحفظ هر صورت اسان جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته سماجي شعور کانسواءِ ٻارن خلاف استحصال جو خاتمو ممڪن ناهي. موجوده حڪومت ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ مربوط ۽ اثرائتا …

ڪراچي-18 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ٻارن جي جنسي استحصال، بدسلوڪي ۽ تشدد کان بچاءُ جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته ٻار اسان جو مستقبل آهن ۽ سندن تحفظ هر صورت اسان جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته سماجي شعور کانسواءِ ٻارن خلاف استحصال جو خاتمو ممڪن ناهي. موجوده حڪومت ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ مربوط ۽ اثرائتا قدم جاري رکيو پئي اچي. گورنر ٻڌايو ته ٻارن تي جنسي استحصال ۽ تشدد تي ضابطو آڻڻ لاءِ گورنر هائوس ۾ خاص سيل قائم ڪيو ويو آهي، جتي سڄي صوبي جا شهري پنهنجون شڪايتون درج ڪرائي سگهن ٿا جن کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو پيو وڃي. هن زور ڀريو ته ٻارن تي تشدد انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي ۽ ٻارن جي ذهني ۽ جسماني صحت متاثر ڪندڙ ڏوهن تي ضابطو ضروري آهي.

مزید خبریں