مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پهرين عالمي”قرئت 2025ع“ جي مقابلي جي آفيشل ويب پيج جو افتتاح ڪري ڇڏيو

اسلام آباد -18 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف پهرين عالمي ”قرئت 2025ع“ جي مقابلي جي آفيشل ويب پيج جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب ويب پيج جو مقصد مقابلي بابت سموري ضروري ڄاڻ کي هڪ هنڌ گڏ ڪري شرڪت ڪندڙن، قرئت ڪندڙن، ججن، ميڊيا ۽ عوام تائين وقت سر، مستند  ۽ جامع رهنمائي فراهم ڪرڻ آهي. ويب …

اسلام آباد -18 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف پهرين عالمي ”قرئت 2025ع“ جي مقابلي جي آفيشل ويب پيج جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب ويب پيج جو مقصد مقابلي بابت سموري ضروري ڄاڻ کي هڪ هنڌ گڏ ڪري شرڪت ڪندڙن، قرئت ڪندڙن، ججن، ميڊيا ۽ عوام تائين وقت سر، مستند  ۽ جامع رهنمائي فراهم ڪرڻ آهي. ويب پيج تي مقابلي ۾  شرڪت ڪندڙ سمورن قرئت ڪندڙن جا پروفائيل ۽ ٻي ضروري ڄاڻ فراهم ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح ججز پينل سان لاڳاپيل ڄاڻ ۽ مقابلي جو بندوبست جي هنڌ بابت رهنمائي به شامل آهي، ته جيئن شرڪت ڪندڙ ۽ مهمان آساني سان سمورن انتظامن کان آگاهه ٿي سگهن.

مزید خبریں