اسلام آباد -18 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڊيره اسماعيل خان ڪلاچي ۽ اتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن ڪامياب آپريشنز ذريعي 15 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪيو ۽ چيو ته ملڪ …
دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو عزم واکاڻ جوڳو آهي: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر

مزید خبریں
اسلام آباد -18 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڊيره اسماعيل خان ڪلاچي ۽ اتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن ڪامياب آپريشنز ذريعي 15 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪيو ۽ چيو ته ملڪ جي دفاع ۽ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز بي مثال قربانيون پيش ڪيون آهن. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو عزم واکاڻ جوڳو آهي. ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوري قوم متحد آهي. فتنه الخوارج جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بڻائڻ ۾ اسان جي سيڪيورٽي فورسز جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ قومي اتحاد ۽ ادارن وچ ۾ سهڪار اڻٽر آهي. دهشتگردي خلاف حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ حقيقي هيروز آهن.











