آمريڪا، سعودي عرب کي ايف-35 ويڙھاڪ جھاز وڪرو ڪندو: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن- 18 نومبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي ته آمريڪا سعودي عرب کي ايف-35 اسٽيليٿ ويڙھاڪ جھاز وڪرو ڪندو. اھو اعلان اھڙي وقت ۾ سامھون آيو آھي جڏھن سعودي ولي عھد شھزاده محمد بن سلمان گذريل ڏينھن وائيٽ ھائوس ۾ اھم ڳالھين لاءِ پھچي رھيو آھي. صحافين سان ڳالھائيندي آمريڪي صدر تصديق ڪئي ته آمريڪا سعودي عرب کي ايف-35 جھاز ڏيڻ تي راضي ٿي ويو آھي …

واشنگٽن- 18 نومبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي ته آمريڪا سعودي عرب کي ايف-35 اسٽيليٿ ويڙھاڪ جھاز وڪرو ڪندو. اھو اعلان اھڙي وقت ۾ سامھون آيو آھي جڏھن سعودي ولي عھد شھزاده محمد بن سلمان گذريل ڏينھن وائيٽ ھائوس ۾ اھم ڳالھين لاءِ پھچي رھيو آھي. صحافين سان ڳالھائيندي آمريڪي صدر تصديق ڪئي ته آمريڪا سعودي عرب کي ايف-35 جھاز ڏيڻ تي راضي ٿي ويو آھي ۽ ھن سعودي عرب کي بھترين اتحادي قرار ڏنو. سعودي عرب ڊگھي عرصي کان ايف-35 جھازن کي حاصل ڪرڻ جو خواھشمند رھيو آھي، جيڪو في الحال وچ اوڀر ۾ رڳو اسرائيل وٽ آھي. ٽرمپ جي منظوري ان صورت ۾ آئي آھي ته نيويارڪ ٽائمز جي تازي رپورٽ مطابق آمريڪي اختيارين ڳڻتي ظاھر ڪئي آھي ته جيڪڏھن جھاز سعودي عرب کي ڏنا ويا ته چين امڪاني طور ان جديد ٽيڪنالاجي تائين پھچ حاصل ڪري سگھي ٿو. آمريڪا ھيستائين ايف-35 جھاز رڳو پنھنجي ويجھو اتحادي ملڪن کي وڪرو ڪندو رھيو آھي، جن ۾ ڪيتريون ئي يورپي نيٽو رياستون ۽ اسرائيل شامل آھي. آمريڪا 2019ع ۾ ترڪيه کي ايف-35 پروگرام مان ان وقت ڪڍي ڇڏيو ھو جڏھن انقره روس جو ھوائي دفاعي نظام خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنھن سبب ڳڻتي پيدا ٿي ته روس ايف-35 جي حساس ٽيڪنالاجي تائين پھچ حاصل ڪري سگھي ٿو.