لاهور -18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اين ڊي ايم اي جي سرپرستي ۽ الخدمت فائونڊيشن جي سهڪار سان گذريل ڏينهن لاهور هوائي اڏي تان 100 ٽن امدادي شين تي ٻڌل 25هين کيپ خاص اڏام ذريعي غزه رواني ڪئي. ترجمان موجب امدادي سامان ۾ خيما، ترپال، پاڻي جا ڪين شامل آهن. هن وقت تائين مجموعي طور تي 2 هزار 427 ٽن امدادي سامان روانو ڪيو ويو آهي. امدادي سامان جي روانگي واري …
پاڪستان طرفان غزه لاءِ 100 ٽن امدادي سامان جي 25 هين کيپ رواني
لاهور -18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اين ڊي ايم اي جي سرپرستي ۽ الخدمت فائونڊيشن جي سهڪار سان گذريل ڏينهن لاهور هوائي اڏي تان 100 ٽن امدادي شين تي ٻڌل 25هين کيپ خاص اڏام ذريعي غزه رواني ڪئي. ترجمان موجب امدادي سامان ۾ خيما، ترپال، پاڻي جا ڪين شامل آهن. هن وقت تائين مجموعي طور تي 2 هزار 427 ٽن امدادي سامان روانو ڪيو ويو آهي. امدادي سامان جي روانگي واري تقريب ۾ پبلڪ افيئرز يونٽ واري وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال مهمان خاص طور شرڪت ڪئي، جنهن ۾ حڪومتي نمائندا، اين ڊي ايم اي جا اعليٰ آفيسر ۽ الخدمت فائونڊيشن سميت ٻين سماجي تنظيمن جا نمائندا به موجود هئا. وفاقي وزير تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستان حڪومت غزه جي مظلوم عوام سان يڪجهتي ۽ حمايت جاري رکيون پئي اچي. پاڪستان هميشه فلسطيني عوام سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ اها امداد اسان جي گڏيل قدمن، اسلامي ڀائيچاري ۽ اخلاقي ذميواري جو اظهار آهي. هن چيو ته آئون پاڪستان حڪومت ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، ته امداد جي فراهمي سان گڏوگڏ فلسطين ۾ پائيدار امن ۽ خطي ۾ استحڪام لاءِ دعاڳو آهيان. هن چيو ته غزه ۽ فلسطين جا مسلمان اسان جا ڀائر آهن، انهن جي امداد جو سلسلو جاري رهندو. هن چيو ته فلسطين جي معصوم ٻارن ۽ بيگناهه انسانن کي روزاني جي بنياد تي شهيد ڪيو پيو وڃي. اسرائيل دنيا ۾ امن لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي، گڏيل قومون اسرائيل پاران دهشتگردي جو سختي سان نوٽي وٺن. سمورن اسلامي ملڪن کي گڏجي فلسطين جو ساٿ ڏيڻو پوندو. اسرائيل غزه ۽ فلسطين جي شهري علائقن ۾ بمباري ڪري انساني اصولن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير غزه کي وقت سر سامان جي فراهمي تي اين ڊي ايم اي ۽ الخدمت فائونڊيشن سميت ٻين سماجي تنظيمن جي ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ انهن جو ٿورو مڃيو.












